جاتي (رپورٽ: اڪبر ٿهيم) جاتيءَ جي ساحلي جي ڳوٺ حاجي قاسم ٿهيم ۾ ٻن پورهيتن کي مزدوري گهرڻ تان مبينا طور اوطاق تي گهرائي غيرانساني تشدد جو نشانو بڻايو ويو. متاثر پورهيت امير بخش ٿهيم صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته اسان بااثر وڏيرن نظير، پپو ٿهيم، حاجي غلام ٿهيم، حاجي يعقوب، رمضان، الهڏنو کان مزدوريءَ جا پئسا گهريا ته هنن اوطاق تي هٿ پير ٻدي ڪپڙن کان آجو ڪري پورهيت حنيف ٿهيم ۽ مون کي ٽن ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي سخت تشدد جو نشانو بڻايو. نوجوان امير بخش جي ماءُ فهميده ۽ والد قادر بخش ٿهيم چيو ته بااثر وڏيرن پاران غير انساني تذليل جي ڪري اسان جو پٽ ذهني مريض بڻجي بڻجي ويو آهي ۽ ان واقعي کان پوءِ هن ڪيترائي ڀيرا خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. هنن جو چوڻ هو ته هڪ پورهيت حنيف ٿهيم بااثر وڏيرن وٽ هاڻي به يرغمال بڻيل آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ڪئي وڃي.هوڏانهن الزام هيٺ آيل حاجي غلام ٿهيم ۽ نظير عرف پپو ٿهيم موقف ڏيندي چيو ته اميربخش ۽ حنيف ٿهيم لوفر قسم جا ماڻهو آهن، اهي نياڻين سان ڇيڙڇاڙ ڪندا هئا، کين اوطاق تي گهرائي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مارڪٽ ڪئي آهي، باقي الزام بي بنياد آهن.