مقصد خاندان کي مضبوط ڪرڻ: علي گوهر مهر پاران بنگل مهر جي حمايت جو اعلان

0
329

گهوٽڪي: جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر مهر پيپلزپارٽي طرفان گهوٽڪي ۾ ضعلي چيئرمين لاءِ نامزد ڪيل اميدوار بنگل مهر ۽ وائيس چيئرمين بابر لنڊ جي حمايت جو اعلان ڪندي سامهون ڪوبه اميدوار نه بيهارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

جي ڊي اي ايم پي اي مهر گروپ جي سربراهه علي گوهر مهر جو چوڻ آهي ته بنگل خان منهنجو سئوٽ آهي، بنگل مهر ۽ پٽ حاجي مهر ۾ ڪوبه فرق ناهي، وڏو هجڻ جي ناتي سئوٽ کي عزت ڏيان ٿو ته اها منهنجي عزت آهي ائين سمهجو ته ضلعي چيئرميني اسان وٽ آهي

سندس چوڻ هو ته معاضي ۾ پ پ ايم اين اي سئوٽ محمد بخش مهر ۽ بنگل خان مهر سان اختلاف وساري اڳتي وڌڻ ٿو چاهيان، پنهنجي خاندان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فرض سمجهان ٿو، ان ڪري بنگل خان جي حمايت ڪيان ٿو