سنڌ جي سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبري، 30 کان 35 سيڪڙو پگهار وڌڻ جا امڪان

0
318

ڪراچي: سنڌ جي سرڪاري ملازمن لاءِ وڏي خوشخبري آهي، نئين مال سال جي سنڌ بجيٽ ۾ ملازمن جي پگهار ۾ 30 کان 35 سيڪڙو واڌ جي تجويز سامهون آئي آهي

 گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 35 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني ويندي، جڏهن ته گريڊ 17 کان مٿي جي ملازمن جي پگهار ۾ 30 سيڪڙو واڌ جي تجويزآهي

پورهيتن جو گهٽ ۾ گهٽ اجورو 35 هزار روپيا ڪرڻ جو حتمي اعلان بجيٽ اجلاس ۾ ڪيو ويندو

وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ سنڌ ڪابينا نئين مال سال جي صوبائي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

نئين مالي سال ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ هڪ وڌيڪ اسپتال قائم ڪرڻ صحت جا 2 وڏا منصوبا آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

عوام جي سفري سهولت لاءِ وڌيڪ اڍائي سئو بسون خريد ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي