معاشي عدم استحڪام جو سبب سياسي افراتفري آهي: وزيراعظم/ صدر

0
248
سوشل ميڊيا تي آرمي چيف خلاف مهم: وزيراعظم جي مذمت
سوشل ميڊيا تي آرمي چيف خلاف مهم: وزيراعظم جي مذمت

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو قائم ٿيڻ 20 هين صدي جو  هڪ وڏو معجزو آهي، اسان اڄ سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻو آهي، پاڪستان جو مقدر عظيم ڪاميابيون حاصل ڪرڻ آهي

وزيراعظم جو چوڻ هو ته 23 مارچ 1940 تي بر صغير جي مسلمانن الڳ وطن جي قيام جي قرار منظور ڪئي هئي، پاڪستان جو قيام 20هين صدر جو هڪ معجزو آهي، معاشي عدم استحڪام جو سبب سياسي افراتفري آهي، مشڪلاتن باوجود اڳتي وڌي رهيا آهيون

President Arif Alvi to address joint session of parliament today

صدر عارف علوي چيو آهي ته چئلينجز باوجود پاڪستان شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اسان کي قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو

ٻئي پاسي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام نفرت، ڪوڙ ۽ ورهاڱي واري سياست کي ختم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي، پاڪستان جو عوام  آئين ۽ پارليامينٽ جي  بالادستي ۽ جمهوريت  جي استحڪام لاءِ پر عزم آهي

FM Bilawal Bhutto to embark on US visit today

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان هڪ مثالي جمهوري جدو جهد ۽ ووٽ جي طاقت سان وجود ۾آيو، بلاول ڀٽو زرداري يوم پاڪستان جي موقعي تي قوم کي واڌايون به ڏنيون

هي به پڙهندا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ يوم پاڪستان قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي