سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ يوم پاڪستان قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

0
223
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ يوم پاڪستان قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ يوم پاڪستان قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 23 مارچ تي پاڪستان جي ٺهراءَ جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ 21-21 توپن جي سلامي سان ڏهاڙي جي شروعات ڪئي وئي

علامه اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديليءَ جي تقريب، ننڍن وڏن شهرن ۾ تقريبون، موسم جي خرابي سبب ايوانِ صدر آڏو 23 مارچ جي رٿيل پريڊ واري تقريب ملتوي ڪئي وئي

ايوان صدر مان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملتوي ڪيل تقريب هاڻي 25 مارچ تي ٿيندي، يوم پاڪستان جي موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر ڪامران ٽيسوري طرفان قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري وئي

گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص پاران به قائد اعظم جي مزار تي حاضري

ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص طرفان مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي، ڊي جي رينجرز وزيٽرز بڪ ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا

هي به پڙهندا

ملڪ ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، سڀاڻي پهريون روزو رکيو ويندو