مشهور ملهه پهلوان سيد لال شاهه بيمار، ڪنهن به سار نه لڌي

0
333

جھول )رپورٽ ممتاز شر( سانگهڙ ضلعي سان تعلق رکندڙ مشھور ملھه پهلوان سيد لال شاھ غربت ۽ بيماري سبب ڪسمپرسي واري زندگي گذارڻ لڳو ثقافت ۽ راندين واري کاتي سندس سار نه لڌي خبر موجب سانگهڙ ضلع سان تعلق رکندڙ ٻي جوڙ جي ملھه پهلوان سيد لال شاھ پهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته راندين وارو سيڪريٽري سيد امتياز شاھ مهنجو پاڙيسري آهي مگر ويھه ڀيرا سندس رهائشگاهه تي ويو آهيان هو ملڻ لاءِ تيار نه آهي جڏهن ته ثقافت وارو وزير سيد سردار شاھ به برادري جو هجڻ باوجود مون سان ملڻ لاءِ تيار نه آهي. سيد لال شاھ چيو ته آئون مسڪين ماڻھو آهيان شگر. بلڊ پريشر، ساه ۽ جگر جي بيمارين ۾ وڪوڙيل آهيان. بيمارين جي علاج تي الھه تلھه وڪڻي خرچ ڪري ڇڏيو آهي هاڻ ڪڏهن ڪو سرندري وارو ته ڪڏهن ڪو سرندي وارو دوا وٺي ڏيندو آهي مگر پئسو نه هجڻ سبب مڪمل علاج ڪرائڻ کان قاصر آهيان ۽ درخواستن، دانهن ڪوڪن باوجو ڪو به سار لهڻ لاءِ تيار نه آهي هاڻ بيماري جي ڪريان يا گهر جو گاڏو هلايان.