ٽي 20 ورلڊ ڪپ مٿان آهي پر ٽيم اڃا تيار ناهي ٿي: عمران نذير

0
225

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيست ڪرڪيٽر عمران نذير چيو آهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ رانديگرن کي موقعو ڏنو وڃي، اوچتو ورلڊ ڪپ ۾ کيڏائڻ سان رانديگرن تي دٻاءُ پوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تجربي جو ڪو مٽ نه آهي، شعيب ملڪ هن وقت ٽيم جي ضرورت آهي، کيس ته ڪپتان هجڻ گهرجي، هو دٻاءُ کي منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿو، سنگل وٺڻ جي خبر اٿس ۽ سندس فٽنيس تمام اعليٰ آهي. چيو وڃي ٿو ته بال تي سندس اڳ جهڙي نظر ناهي رهي، هن جي ابوظهبي ۾ اننگ سڀني جي سامهون آهي، ڪنهن کي سندس نظر جو مسئلو لڳي ٿو ته آءِ ٽيسٽ ڪرائي وٺو. هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مٿان آهي پر اڃا تائين ٽيم جي خبر ناهي ته ڪهڙي کيڏندي؟ هينئر کان ئي ٽيم ٺاهيو ان کي اعتماد ڏئي مستحڪم ڪريو، ڪنهن کي ڪا خبر ناهي ته کيس ڪهڙي نمبر تي کيڏڻو آهي. هن چيو ته شرجيل خان ۽ فخرزمان کي اوپنر هجڻ گهرجي، بابر اعظم ون ڊائون تي اچي، ون ڊي ۾ محمد رضوان مڊل آرڊر ۾ کيڏي، حيدر علي ۾ اوپنر جي جهلڪ نظر اچي ٿي کيس به ڊوميسٽڪ جي نمبر تي کيڏايو وڃي، هڪ ٻن ٽي 20 جي بنياد تي ملڪي ٽيم ۾ نه کيڏائڻ گهرجي.