زينب عباس ”خليج ٽائمز“جي پهرئين ورق جي سونهن بڻجي وئي

0
251

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ٽي وي اينڪر ۽ اسپورٽس پريزنٽر زينب عباس گڏيل عرب امارتن جي لائف اسٽائل ميگزين ”خليج ٽائمز“ جي پهرئين ورق جي زينت بڻجي وئي.زينب عباس سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي لائف اسٽائل ميگزين ”خليج ٽائمز“ جي پهرئين ورق جي تصوير شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن ۾ خوشي جو اظهار ڪندي لکيو ته مان ”خليج ٽائمز“ جي هن هفتي جي پهرئين شماري جي ٽائيٽل پيج تي نظر اچي رهي آهيان.گڏيل عرب امارتن جي اخبار خليج ٽائمز پنهنجي هفتيوار رسالي لاءِ زينب عباس جو انٽرويو ورتو ۽ کيس پاڪستان جي سڀ کان مشهور اسپورٽس پريزنٽر طور متعارف ڪرايو.خليج ٽائمز پنهنجي آفيشل انسٽاگرام تي شماري جي حوالي سان هڪ ويڊيو شيئر ڪئي ۽ لکيو ته هن هفتي پاڪستان جي سڀ کان مشهور عورت اسپورٽس پريزنٽر زينب عباس کان انٽرويو ويو آهي، جيڪا پاڪستان سپر ليگ لاءِ گڏيل عرب امارتن ۾ موجود آهي.