سکر ۾ پوليس ۾ ڪمانڊوز جي اميدوارن جو ٽيسٽ نه وٺڻ خلاف مظاهرو

0
224

سکر(ن پ ا) پوليس ۾ ڪمانڊوز ايس ايس يو ۾ فزيڪل ٽيسٽ پاس ڪندڙ نوجوانن لکت واري ٽيسٽ نه وٺڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو۔ ان موقعي تي عبدالنبي ٻرڙو، طارق بروهي، حمزا اعواڻ، نديم ڀٽي، اويس خان ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ايس ايس يو ڪمانڊو پوليس ۾ ڪانسٽيبل جي پوسٽ لاءِ پي ٽي ايس ذريعي فزيڪل ٽيسٽ پاس پر ٽيسٽ وٺندڙ اداري پاران لکت جي ٽيسٽ جو ميسيج هن وقت تائين نہ ڪيو جنهن بعد پاڻمرادو ٽيسٽ سينٽر تي آياسين جتي ٻڌايو ويو ته توهان جي لکت جي ٽيسٽ گذريل ڏينهن هئي ۽ اڄ ٽيسٽ نه ورتي ويندي، اميدوارن جو چوڻ هو ته پنجاھ روپين جي وٺڻ لاءِ پي ٽي ايس پاران اسان ڏانهن ميسيج ڪيا ويا ته پئسا جمع ڪرايو پر اسان جي لکت واري ٽيسٽ جا ميسيج نه ڪري ناانصافي ڪئي وئي آهي هنن پي ٽي ايس جي اعلي عملدارن وزير اعلي سنڌ، آئي جي سنڌ ۽ وسوارن کان مطالبو ڪيو ته فزيڪل ٽيسٽ اميدوارن کان لکت ٽيسٽ ورتي وڃي ٻي صورت ۾ اسان فزيڪل احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين.