مشهور فرانسيسي اداڪارا ميرين الهمير اسلام قبولي ورتو

0
223
مشهور فرانسيسي اداڪارا

مڪو شريف(شوبز نيوز) فرانس جي اداڪارا ۽ ماڊل ميرين الهمير اسلام قبول ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي انسٽا گرام اڪائونٽ تي ميرين الهمير هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو شهادت جو ڪلمو پڙهندي نظر اچي ٿي

هن اها وڊيو مڪي شريف مان شيئر ڪئي آهي، جتي هوءَ عمرو ادا ڪرڻ لاءِ ويل آهي. اداڪارا لکيو ته هي لمحو منهنجي زندگي جي سڀني کان خوشي وارن ڏينهن مان آهي

هن ٻڌايو ته هوءَ ڪجهه مهينا اڳ ئي اسلام قبول ڪري چڪي هئي ۽ اها تبديلي سندس روح، دل ۽ دماغ جي چونڊ آهي. اسلام قبولڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجي پيشي ۽ زندگي جي وهنوار تي غور ڪندي