ٽي 20 ورلڊڪپ ۾ آفريڪا کي هالينڊ هٿان اپسيٽ شڪست، ڀارت به ڪامياب، شوقينن کي پاڪ ڀارت فائنل جي اميد

0
190
ٽي 20 ورلڊڪپ ۾ آفريڪا کي

ايڊيليڊ/ميلبورن(م ڊ) امڪانن جي راند ڪرڪيٽ جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پهرئين ڏينهن جيا سپر 12 مرحلي جي آخري ڏنهن به اپسيٽ ٿيندا رهيا. ڪرڪيٽ جي ننڍڙي ٽيم هالينڊ ڪرڪيٽ ديو ڏکڻ آفريڪا کي اپسيٽ شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو. ڀارت جي ٽيم زمبابوي خلاف ڪاميابي ماڻي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

ماهر پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن ۾ فائنل ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪري رهيا آهن. ڪالهه سپر 12 مرحلي جي ميچن جو آخري ڏينهن هو. اهم ترين ميچ ۾ هالينڊ جو مقابلو ڏکڻ آفريڪا سان هو

آفريڪا جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ کنئي. هالينڊ جي ٽيم بهترين بيٽنگ ڪئي ۽ اسٽيفن ماءِ برگ جي 37، ميڪس او ڊائوڊ جي 29، ٽام ڪوپر جي 35 ۽ ايڪرمين جي ناٽ آئوٽ 41 رنسن جي مدد سان 20 اوورن ۾ 158 رنسون اسڪور ڪيو ۽ 4 رانديگر آئوٽ ٿيا

نارڪيا ۽ مارڪرم هڪ هڪ ۽ ڪيشو مهاراج 2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا جي مضبوط ٽيم به نيڌرلينڊ آڏو بيوس ٿي وئي ۽ وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪرنديون رهيون

سموري ٽيم 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 145 رنوسن ٺاهي سگهي. ڊيڪوڪ 13، ڪپتان ٽيمبا باوووما 20، روسو 25، مارڪرم ۽ ڊيوڊ ملر 17-17 ، ڪلاس 21، پارنيل 0 ۽ مهاراج 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. نيڌرلينڊ جي گلوور 3. فريڊ ڪلاسن ۽ ڊي ليڊي 2، 2 ۽ ميڪرين هڪ وڪيٽ ورتي

ايڪرمين مين آف دي ميچ رهيو. ٻي اهم ميچ ۾ ڀارت جي ٽيم زمبابوي کي 71 رنسن تان آساني سان شڪست ڏئي پنهنجي گروپ ۾ ٽاپ پوزيشن برقرار رکي. ڀارتي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي ڪي ايل راهل جي 51، سورياڪمار ياديو جي 61 ۽ ڪوهلي جي 26 رنسن جي مدد سان 20 اوورن ۾ 186 رنسون ٺاهيون. شان وليمس 2، گاروا، مزرباني، سڪندر رضا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم 17.2 اوورن ۾  115 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي

ريان برل 35، سڪندر رضا 34، ڪريگ ارون 13 ۽ شان وليمس 11 کانسواءِ ڪو رانديگر ڊبل فگرز ۾ به داخل نه ٿي سگهيو. روي چندرن ايشون 3، شامي، پانڊيا 2، 2، ڀونيشور ڪمار، ارشديپ سنگهه ۽ اڪشر پٽيل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. سوريا ڪمار کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

ھي به پڙھندا

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهچي ويو