مسوڀرڳڙي(ن پ ا) مسوڀرڳڙي جي قديم مسجد ۽ گنج شهيدان ميسارجڻ لڳا آهن. ان ڏس ۾ حيدرآباد کان اتر اوڀر طرف اسريٰ يونيورسٽي کان نئون ڪلوميٽر پري مياڻي جي جنگ جي شھيدن جوقبرستان موجود آھي، اتي جرنيل شھيد جان محمد ٽالپر جي قبر آھي ء گنج شھيدان به آھي. گڏوگڏ ٽي سئو سالا  ميرن جي تاريخي مسجد به موجود آھي هتي گنج شھيدان توڙي ميرن جي مسجد جي نالي تي زمين پڻ موجود آھي اها زمين  قبضا مافيا پاران  ڦٻائي وئي آھي ، جيڪي چند قبرون توڙي معمولي زمين بچي آھي ان کي  قبضا خور ماڻھو ختم ڪري رهيا آھن ، اتان روزانو مٽي کڻي ان ننڍڙي ٽڪري کي به ختم ڪيو پيو وجي هتي مياڻي يادگار ڪميٽي  ڪيترن ئي سالن کان مطالبو ڪندي اچي ته  هتي يادگار جوڙايو وجي پر سنڌ حڪومت سندس اينٽيڪيوٽيز کاتو ڪلچر کاتو هن جي مالڪي ڪرڻ لاء تيار نه آھي بااثر قبضا مافيا  هنن آثارن نشانن کي مڪمل طرح ميساري رهيا آھن ، هتان جي سياسي سماجي ڌرين نثار لغاري ،محب لغاري ، پير نوناري ، لطيف ملاح ، مظفر لغاري ، رحمت الله سولنگي ۽ ٻين سنڌ سرڪار ۽ آثار قديما کاتي کان هن معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي ته جيئن  هن تاريخي مسجد ۽ جرنيل جان محمد ٽالپر جي قبر کي محفوظ ڪيو وڃي.