ڪيٽي بندر ( ن.پ.ا) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ ۽ سينٽر سسئي پليجو سان ڪيٽي بندر ۽ ميرپور ساڪرو جي پارٽي اڳواڻن ۽ سماجي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. انھئ موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي سسئي پليجو سنڌ جي عوام کي ھلندڙ ڊيجيٽل آدمشماريءَ تي سخت خدشا ۽ اعتراض آهن .ھن چيو ته ھن ڊيجيٽل آدمشماريءَ ۾ سنگين ٽيڪنيڪل مونجھارا ۽ غلطيون آھن ۽ ھي آدمشماري سنڌين کي اقليت ۾ ڏيکارڻ جي ھڪ سازش آهي .ھن چيو ته قومي شناختي ڪارڊ وارو ڪرڻ سان اسان سنڌين جا خدشا اڃان وڌي ويا آهن .ھن چيو ته تازو سنڌ ۾ آيل ٻوڏ سبب جيڪا لڏپلاڻ ٿئي آھي . جنھن ۾ سنڌ جا ڪافي ماڻهو پنھنجا ڳوٺ خالي ڪري ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا آهن .ان صورتحال۾ ھي ڊيجيٽل آدمشماريءَ  ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي .ھن چيو ته سنڌ ڌارين جي ڳڻپ تي سنڌ جي عوام کي تمام گھڻا خدشا آهن . جڏهن ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري آڳ۾ ئي وڏو مسئلو آهي .ھن چيو ته ھن ڊيجيٽل آدمشماريءَ تعلقي ڪيٽي بندر جا ڪافي ڳوٺ تعلقي گھوڙا ٻاري ۾ ڏيکاريا پيا وڃن .جيڪا پڻ ھنن مقامي ماڻهن سان وڏي سازش ٿي رهي آهي .ھن چيو ته ضلعي ٺٽي ساحلي پٽيءَ ۽ جابلو علائقا پڻ ۾ آدمشماري کان رھجي ويا آهن جيڪي ھر صورت۾ ھن موجوده ڊيجيٽل آدمشماريءَ ۾ ڳڻپ ۾ شامل ڪيا وڃن. وفاق طرفان ڳڻپ ڪندڙ عملي کي جيڪي ٽيبليٽ ڏنا ويا آهن اھي به صحيح ڪم نه پيا ڪن .انگن اکرن پڻ ڦيرڦار ڪئي پئي وڃي. سسئي پليجو چيو ته ھن ڊيجيٽل آدمشماريءَ جي سنگين غلطين تي پ پ جي اعلي قيادت کي پڻ آگاهه ڪيو آهي . آخر۾ ھن چيو ته سنڌ جا ماڻهو ھلندڙ ڊيجيٽل آدمشماريءَ کي ڪنھن به صورت۾ قبول نه ڪندا .ھن چيو ته ڊيجيٽل آدمشماريءَ ۾ قومي شناختي ڪارڊ وارو شرط لازمي آهي .ھن چيو ته ھن ڊيجيٽل آدمشماريءَ کي فورن روڪيو وڃي.