مسجد نبوي واقعو: ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم، مذهب کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ خود توهين مذهب آهي: چيف جسٽس

0
267
جاچ ادارن موجب عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مسجد نبوي سانحي تي پوليس کي ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مسجد نبوي واقعي بابت فواد چوڌري، قاسم سوري ۽ شهباز گل جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ فواد چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو

عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي درخواستن کي گڏ ڪري ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران فواد چوڌري عدالت ۾ بيان ڏنو ته مان حاضر آهيان ۽ حيران آهيان ته هنن ڪيسن تي مارشل لا به رهيو پر ڪا به حڪومت توهين مذهب واري قانون کي اهڙي نموني استعمال نه ڪيو، گهرو وزير بابت نٿو چوان پر قانون واري وزير تي حيرت آهي

فواد چوڌري چيو ته اسان کي ته ڪوئي فساد ناهي ڪرائڻو، اسان کي هڪ ٻئي جي لاشن تي سوار ٿي وزير ناهي بڻجڻو، اسان اهڙو عمل شروع ڪيو آهي جنهن جا سنگين نتيجا نڪرندا، چيف جسٽس فواد چوڌري کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالت کي ڪيس هلائڻ گهرجي؟ ڇا تهان هن تي ڀروسو ڪندا آهيو؟ ان تي اڳوڻي وزير چيو ته جيڪڏهن عدالت تي اعتماد ناهي ته پوءِ ڪنهن تي ڪنداسين

جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته سياسي قيادت ئي سماج ۾ تبديلي ۽ برداشت آڻي سگهي ٿي، مذهب کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ پاڻ توهين مذهب آهي، اهڙي طرح 2018 ۾ به ٿيو ۽ پهرين به ٿيندو رهيو، هي بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙيون مان هڪ آهي

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته سيالڪوٽ ۾ هڪ پرڏيهي کي قتل ڪيو ويو، مشال خان جو واقعو به سامهون آهي، هتي جيڪي ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن اهي به درست نظر نٿا اچن

عدالت مسجد نبوي سانحي ڪيسز جي خلاف قاسم خان سوري جي درخواست تي وفاق ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، ايف آءِ اي عدالت ۾ جواب ڏنو ته ڪائونٽر ٽيررازم ونگ ۽ سائبر ڪرائم ونگ مسجد نبوي واقعي جي حوالي سان ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ايف آءِ اي جي جواب ۾ چيو ته واقعي تي مقامي پوليس ڪارروايون ڪيون آهن، عدالت مسجد نبوي واقعي تي پوليس کي ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ھي به پڙھندا

مسجد نبوي ۾ نعري بازي: عمران خان ۽ شيخ رشيد کي گرفتار ڪيو ويندو: راڻا ثناءُ الله