مسجد نبوي ۾ نعري بازي: عمران خان ۽ شيخ رشيد کي گرفتار ڪيو ويندو: راڻا ثناءُ الله

0
239
راڻا ثناءُ الله جون عمران

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مسجدِ نبوي جو تقدس پائمال ڪندڙن خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ جو ڪوبه جواز نٿو ٺهي

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته ڪوبه شهري مسجد نبوي واقعي تي ڪارروائي لاءِ آيو ته رنڊڪ پيدا نه ڪئي ويندي

هن چيو ته ثبوت مليا ته عمران خان ۽ شيخ رشيد کي به گرفتار ڪيو ويندو

هن چيو ته ڇا ڪنهن چنڊ ​​جي رات احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، چنڊ جي رات ماڻهن کي ملائيندڙن کي هي شخص نوجوان نسل کي گمراهه ڪرڻ جي راهه تي گامزن آهي

وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب ڪجهه ماڻهن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

ٻئي طرف اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد حڪومت تي انتقامي ڪارروائين جو الزام هڻندي چيو آهي ته حڪمران جتي به ويندا،اُتي نعريبازي ڪئي ويندي

هن چيو ته ڏيڍ سئو ماڻهن جي گهرن تي چڙهاين سان حالتون خراب ٿينديون، اسان مديني ۾ موجود ئي نه هئاسين، پوءِ به ڪيس داخل ڪيا ويا

ھي به پڙھندا

شيخ رشيد جو ڀائٽيو اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار