قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو شيخ رشيد جي ميڊيا سينٽر تي ڇاپو

0
180
اسلام آباد جي عدالت شيخ رشيد جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي
اسلام آباد جي عدالت شيخ رشيد جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (م ڊ) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي ميڊيا سينٽر تي ڇاپو هنيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي گذريل رات سيڪٽر ايف سيون فور ۾ واقع هڪ گهر تي ڪئي وئي

ٻئي طرف اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد به ڇاپي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ماڻهو رات جو آيا ۽ بنا ڪنهن گرفتاري جي هليا ويا

ياد رهي ته اڄ صبح شيخ رشيد احمد جي ڀائٽي شيخ رشيد شفيق کي سعودي عرب کان واپسي تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي گرفتار ڪيو ويو هو، شيخ رشيد شفيق خانگي ايئر لائن جي اڏام ذريعي اسلام آباد پهتو هو جتان کيس گرفتار ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

شيخ رشيد جو ڀائٽيو اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار