نواز ليگ ۽ پ پ جي مبينا ڪرپشن جو اڇو چٺو جاري، پاڪستاني هنن کي حڪمران مڃڻ کي توهين سمجهن ٿا: عمران خان

0
207
عمران خان پاران نواز ليگ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نواز ليگ ۽ پ پ جي مبينا ڪرپشن جو اڇو چٺو جاري ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته ملڪ تي امپورٽيڊ حڪومت مڙهي وئي آهي، هاڻي اهي ڪرپشن جا ڪيسز ختم ڪري چور بازاري شروع ڪندا، ٻنهي خاندانن ملڪ ۾ ڦرلٽ ڪئي آهي، پاڪستاني کين حڪمران مڃڻ کي توهين سمجهن ٿا، چيف اليڪشن ڪمشنر تي اعتماد نه آهي، جانبدار فيصلا پيو ڪري

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته شريف خاندان مون کي ڌمڪيون ڏيندو هو ته اسان جو وارو به اچوڻ وارو آهي، هاڻي هنن جو اين آر ٽو شروع ٿي ويو آهي، عمران خان شريف خاندان جي ڪرپشن تي وائيٽ پيپر جاري ڪندي وضاحت ڪئي ته ڪيئن هنن پنهنجي نوڪرن جي نالي تي ملڪ جو پئسو لٽيو ۽ پرڏيهه منتقل ڪيو

ھي به پڙھندا

راڻا ثناءُ الله جون عمران خان ۽ شيخ رشيد کي به گرفتار ڪرڻ جون تياريون

هن چيو ته شهباز شريف فرار ٿيل آهي، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي اربين روپين جا ڪرپشن جا ڪيسز ۽ ٻئي ضمانت تي آهن، مريم نواز کي 8 سال سزا ٻڌائي وئي هوءَ به ضمانت تي آهي، عمران خان چيو ته عابد شير علي جو پيءُ چوي ٿو ته راڻا ثناءُ الله 8 ماڻهن جو قاتل آهي، اسان جي ايم اين جي پٽ کي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو جنهن جي سخت مذمت ڪيون ٿا

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مان هنن جي ڪيسز جو ائيٽ پيپر عوام آڏو آڻي رهيو آهيان، اسان پنهنجي دور ۾ مٿن ڪرپشن جو ڪو به ڪيس ناهي ٺاهيو، صرف مقصود چپڙاسي وارو ڪيس اسان جي دور ۾ شروع ٿيو، هنن سمورا ڪيسز اسان جي دور کان اڳ جا آهن

عمران خان چيو ته وائيٽ پيپر رکڻ جو مقصد اهو آهي ته هاڻي سندن اين آر او 2 شروع ٿي ويو آهي، هنن جي مون کان هڪ هي شڪايت هئي ته هنن کي اين آرو ڏيان، اين آر دو ون کان ملڪ کي ڪيرو نقصان ٿيو هاڻي هي اين آر او ٽو وٺي رهيا آهن، جنهن جو صرف هڪ ئي مقصد آهي ته هن جا ڪيسز ختم ٿي وڃن

عمران خان چيو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٻه ٻه ڀيرا اقتدار ۾ اچي چڪيون آهن، ٻنهي پنهنجي دور ۾ ڪرپشن ڪئي، ٻنهي پارٽين خلاف ڪرپشن جا ڪيترائي ڪيسز آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ زرداري سسٽم ماڻهن کي غلام بڻائي رهي ته  پنجاب ۾ شريف مافيا ظلم ڪري رهي آهي، هي ايندي ئي اي سي يل مان نالي ڪڍي ڇڏيا

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پ پ ۽ ن ليگ وارن اربين روپين جا ڪرپشن ڪيسز آهن، خدشو آهي ته هي رڪارڊ ساڙي ڇڏيندا، نيب جا ڊي جيز ۽ پراسيڪيوٽرز کي تبديل ڪيو ويو آهي

هن چيو ته مون کي ڦاسائڻ لاءِ منهنجي اڳوڻي گهر واري جمائمه ته ٽائلز چوري جو ڪوڙو الزام مڙهيو ويو، جڏهن ته ڪجهه نه مليو ته هاڻي وري بشريٰ بي بي جي دوست فرح خان ذريعي ڪوڙو ڪيس ٺاهيو پيو وڃي، هن نيب کان سوال ڪيو ته ڇا فرح خان تي ڪيس ٺهي ٿو، فرح خان ته 20 سالن کان ريئل اسٽيٽ جو ڪم ٿي ڪري، اسان جي دور ۾ ريئل اسٽيٽ جو تمام گهڻو ڪم ٿيو اهو توهان ڪنهن ريئل اسٽيٽ جو ڪم ڪندڙ کان پڇي سگهو ٿا

هن چيو ته جنهن ڏينهن مسجد نبوي ۾ هنن جي خلاف نعرا لڳا ان کان ڪيترائي ڏينهن اڳ اسان سڄي دنيا ۾ دعائي شب ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو، جڏهن اسان جي دعا ختم ٿي ته خبر پئي مسجد نبوي ۾ هنن جي خلاف نعرا لڳا، جنهن جي به دل ۾ حضور پاڪ صه لاءِ دل ۾ ٿوري ۾ محبت هوندي ته اهو ماڻهو اهڙي حرڪت نٿو ڪري سگهي، پر هي پنهنجي اعمالن ذريعي هنن سان اهڙي ٿيندي رهندي پوءِ ڀلي ڪاٿي به وڃن

ھي به پڙھندا

راڻا ثناءُ الله جون عمران خان ۽ شيخ رشيد کي به گرفتار ڪرڻ جون تياريون