مختلف شهرن ۾ شاخن ۽ واهن کي گهارا، پاڻي گهرن ۽ فصلن ۾ ڪاهي پيو

0
325
مختلف شهرن ۾ شاخن ۽ واهن کي گهارا، پاڻي گهرن ۽ فصلن ۾ ڪاهي پيو
مختلف شهرن ۾ شاخن ۽ واهن کي گهارا، پاڻي گهرن ۽ فصلن ۾ ڪاهي پيو

ڪراچي: چوماسي جي وسڪارن کانپوءِ سنڌ ۾ مختلف شاخن ۽ واهن کي ٽئين ڏينهن به گهارا پيا

 شهدادڪوٽ ويجهو بيگاري واهه کي ڏيڍ سئو فوٽ گهارو لڳو، پاڻي ڳوٺ گل محمد جروار جي گهرن ۽ فصلن ۾ ڪاهي پيو، اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌڻ ۾ رڌل رهيا

منهڙو ويجهو وسڪارن کانپوءِ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تازو پڪي ڪرايل ڊيفيل شاخ جا ڪپر ٽٽي پياگذريل ڏينهن شاخ کي لڳل گهارو اڃا بند نه ٿي سگهيو، جيڪب آباد ويجهو نور واهه کي ٻن هنڌن تان 30-30 فوٽن جا گهارا پيا، پاڻي فصل ٻوڙڻ بعد ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو آهي

 دوداپور ويجهو  بيگاري ڪينال کي لڳل 50 فوٽ گهارو وڌي هڪ سئو فوٽ ٿي ويو، دوداپور ويجهو ڪوٽڙي شاخ کي به 10 فوٽ گهارو، پاڻي فصلن ۾ داخل ٿي ويو آهي

 مورو ويجهو ٻانڌي روڊ تي ڊيم جو بند ٽٽي پيو، پاڻي فصلن ۽ گهرن ۾ داخل ٿي ويو، سنڌڙي ويجهو دوسو شاخ کي آر ڊي 32 وٽان 40 فوٽ گهارو، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل آهي

شهرين ۽ متاثرن جو چوڻ آهي ته 2022ع جي برسات ۽ ٻوڏ جون تباهيون ئي ناهن وسريون، مٿان وري هي برسات ۽ گهارن تباهه ڪري ڇڏيو آهي، گهر ڊٿا پيا آهن، جيڪي جهوڙپيون ٺاهيون سين اهي به ڊهي ويون آهن، گهارا بند ڪري وڏي تباهي کان بچايو وڃي

هي به پڙهندا

سنڌ جا وڌيڪ ڪيترائي شهر ٻڏي ويا