ملازم نينگريءَ تي تشدد جو سول جج خلاف ڪيس داخل

0
277
ملازم نينگريءَ تي تشدد جو سول جج خلاف ڪيس داخل
ملازم نينگريءَ تي تشدد جو سول جج خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد ۾ ملازم نينگريءَ تي تشدد جو سول جج ۽ سندس گهر واريءَ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

اسلام آباد پوليس موجب ڪيس متاثر نينگريءَ جي پيءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو

پوليس موجب همڪ ٿاڻي تي متاثر نينگري رضوانه جي پيءُ ڪيس داخل ڪرايو، ڪيس ۾ سول جج عاصم حفيظ ۽ سندس گهر واري سوميه بي بي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪوششون جاري آهن، متاثر نينگريءَ جي والدين جو چوڻ هو ته 14 سالن جي نياڻيءَ کي 6 مهينا اڳ سول جج جي گهر ملازمت لاءِ موڪليو هو

سول جج جي گهر واريءَ نينگريءَ کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، نياڻيءَ جي جسم تي زخمن جا نشان موجود آهن، اي ايس پي سٽي عثمان موجب نينگريءَ کي ڪيترن ئي مهينن تائين تشدد جو نشانو بڻايو ويو

نينگريءَ جي چهري ۽ مٿي تي زخمن جا نشان موجود آهن، طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس ڊي ايڇ ڪيو اسپتال سرگوڌا آندو ويو، حالت خراب ٿيڻ  تي کيس ماءُ حوالي ڪيو ويو، نينگريءَ جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي هئڻ ڪري ڊاڪٽرز کيس سرگوڌا کان لاهور جي جنرل اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

هي به پڙهندا

توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٽن درخواستن تي فيصلو محفوظ