ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فلسطين ۾ اسرائيلي جارحين خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ مختلف تنظيمن پاران پريس ڪلب سامهون ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين، عبدالطيف نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ جميعت علماءِ پاڪستان پاران اسرائيل جي جارحيت خلاف مولانا رضا الحسن ڳورڙ، حافظ ممتاز علي ڪولاچي، حافظ شعيب جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ٻئي طرف بدين ۾ پاڪستان واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ ورڪر يونين بدين ڊويزن طرفان غوثو خان پٺاڻ، اميد علي چانگ، غلام مصطفيٰ شاهه، جمن ترڪ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. ٻئي طرف مدئجي ۾ جميعت علماءِ اسلام جي سڏ تي مولانا نثار احمد پنهور، مولانا حماد مولانا احمد علي چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. هوڏانهن جيڪب آباد ۾ اتحاد اهلسنت پاران اعجاز شاهه، مولوي نور قاسمي، عبدالغفار قادري، استاد امداد قادري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٻئي طرف وڳڻ ۾ مظلوم فلسيطنين مٿان اسرائيلي جارحيت خلاف جي يو آءِ پاران عبدالرزاق عابد لاکو، مولانا گل انقلابي، قاري محمد عثمان مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هوڏانهن تلهار ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف اقليتي ونگ ۽ اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کاريو غلام شاھ ۾ نوجوانن پاران فلسطيني بارن تي ٿيندڙ ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاج ڪيو ويو. ٻئي طرف ميهڙ ۾ واپڊا ھائيڊرو يونين پاران فھيم اسلم شيخ ،سعيد ڪلھوڙو ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. هوڏانهن ٽنڊوالھيار ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اغيث السلام طاھرزادو، منير احمد لغاري ۽ ٻين احتجاج ڪيو. ٻئي طرف سڪرنڊ ۾ اين پي سي ايچ آءِ جي مرڪزي صدر ايڊوڪيٽ سڪندر علي ڪيريو ۽ ٻين پاران اسرائيل پاران فلسطيني مسلمانن تي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. هوڏانهن سڪرنڊ ۾ جماعت اسلامي پاران فلسطينين جي حق ۾ اسرائيل خلاف ڪنور راشد مڪرم جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته مظلوم فلسطينين تي ظلمن خلاف اسلامي ملڪ هڪ ٿين ۽ دنيا جي انسانيت جي حامي ملڪن کي آواز اٿاري مظلوم فلسطينين مٿان اسرائيلي ظلمن کي ۽ ان پاران بمباري کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.