نيويارڪ(م ڊ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اڪثر ميمبرن اسرائيل کان فلسطين تي حملا بند ڪرڻ ۽ جنگبندي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان القدس عالمي تحفظ فورس مقرر ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهه يا آهن، اسرائيل والاريل علائقا خالي ڪري ۽ غزه ۾ عالمي امدادي سامان پهچائڻ ڏنو وڃي. فلسطين جي معاملي تي پاڪستان، فلسطين، ترڪي ۽ ٻين مسلمان ملڪن جي درخواست تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو خاص اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت صدر وولڪان بوزڪير ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته غزه تي اسرائيلي جارحيت غيرانساني آهي جيڪا ڪنهن به صورت قبول ناهي، سڄي دنيا مذهبي هنڌن ۽ معصوم شهرين تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪري رهي آهي، مسجد اقصيٰ تي حملو انتهائي افسوسناڪ آهي، اسرائيل مذهبي جاين جو احترام ڪري. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوئتريس چيو ته دنيا اڄ غزه جي معصوم ٻارن لاءِ جهنم بڻجي چڪي آهي، غزه تي اسرائيلي بمباري سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسڪول، عبادتگاهون تباهه ڪيون ويون آهن. اولهندي ڪناري ۾ جاري تشدد کي روڪڻو پوندو، اسرائيل ۽ فلسطين جو تڪرار نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي، هن چيو ته لاڳيتي بمباري سان 60 ٻارڙا شهيد ٿيا آهن. پر مستقبل لاءِ پراميد آهيون، غزه ۾ صحافين جو تحفظ ضروري آهي اتي ٻار ڳري قيمت ادا ڪري رهيا آهن. اسان اسرائيل ۽ فلسطين جي معاملي تي مڪمل ڪمٽڊ آهيون، معصوم ٻارن کي قتل ڪيو ويو. اردن جي پرڏيهي وزير چيو ته اسان فلسطينين جي مدد جاري رکنداسين. پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خطاب ڪندي چيو ته فلسطيني مردن، عورتن ۽ ٻارن کي بيرحمي سان قتل ڪيو پيو وڃي، غزه جو هر گهر تباهه ڪيو ويو آهي، ابو فتاح جي خاندان جو هر فرد قتل ڪيو ويو آهي، 50 هزار کان وڌيڪ فلسطيني غزه ۾ بي گهر ٿي چڪا آهن، ماڻهن وٽ حياتي جون سهولتون، ٻارڻ، پاڻي، بجلي، صفائي جون سهولتون نه آهن. ان جو مک سبب اسرائيلي قبضاگيري آهي، اسرائيلين عمارتون تباهه ڪيون، ته جيئن ماڻهن ۾ خوف پکيڙي سگهجي ۽ ميڊيا خاموش ٿي وڃي، پر دنيا خاموش نه ٿيندي. هن چيو ته فلسطينين جي معاملي ۾ سلامتي ڪائونسل پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، ٻيو ته ٺهيو پر هو ٺهراءُ آڻڻ ۾ به ناڪام ويا، سڀني کي خبر آهي ته ان ۾ رنڊڪ ڪير بڻيو. هن چيو ته جنرل اسيمبلي سڄي دنيا جي پاران مطالبو ڪري ته غزه ۾ فوجي ڪارروائي نه ڪئي وڃي، اسرائيل کي ايئرفورس استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اسرائيلي هوائي فوج دنيا جي سگهاري فورس آهي. هن چيو ته اسان کي فلسطينين جي هر ممڪن مدد ڪرڻ گهرجي، زڪوات ۽ ٻي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي، دوائون خوراڪ پهچايون وڃن، اسرائيل کي غزا تائين رسد جا سمورا رستا کولڻ گهرجن. هن چيو ته جنرل اسيمبلي فلسطينين جي فوري مدد ڪري جنرل اسيملي ٺهراءُ پاس ڪري ته فلسطينين تي حملا روڪيا وڃن. هن چيو ته اسرائيل کي ظلم ڪرڻ جي مڪمل ڇوٽ مليل آهي، اسرائيلي فاشسٽ رياست آهي، ان جي حملن جي مذمت ڪئي وڃي، الاقصيٰ مسجد کي کوليو وڃي، اسرائيل رمضان ۾ ان تي حملا ڪيا، عالمي قانون لتاڙڻ تي ڪنهن کي به ڇوٽ نه ملڻ گهرجي. اسرائيل کي غيرقانوني وسنديون قائم ڪرڻ، توسيع پسندي کان روڪيو وڃي، اسان کي سمورا قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته فلسطين وچ اوڀر جو سڀ کان ٻرندڙ مسئلو آهي، ان تي عرب ۽ مسلمان دنيا ۾ ڪاوڙ آهي ۽ ڪاوڙ انتهاپسندي کي جنم ڏيندي آهي. اسرائيل کي ضرور قبضو ختم ڪرڻ گهجي، فلسطينين کي واضح همدردي جو پيغام وڃڻ گهرجي. برابري جي بنياد تي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته 50 هزار فلسطيني بي گهر ٿي چڪا آهن، عالمي ڪانفرنس گهرائڻ واري صدر محمود عباس جي مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا، اسرائيل بربريت ڪئي آهي، کيس جنگي ڏوهاري قرار ڏنو وڃي، اسان مسئلي جي پرامن حل جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. غزه ۾ عالمي پروٽيڪشن فورن مقرر ڪئي وڃي. پاڻ کان سوال پڇڻ گهرجي ته اسان اهو قتل عام ڪيستائين برداشت ڪنداسين. قبضو هاڻ سهپ کان وڌي ويو آهي. جنرل اسيمبلي مڪمل جنگبندي جو مطالبو ڪري جيڪا ڊگهي عرصي تائين هجي. يقيني بڻايو وڃي ته ڪو فلسطيني قتل نه ٿئي انهن جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي. فلسطيني پرڏيهي وزير رياض المالڪي چيو ته اسرائيل غزه جي معصوم شهرين جو قتل عام بند ڪري، هو جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي هڪ طرف فلسطينين کي ماري رهيو آهي ته ٻئي طرف ڏوهاري به انهن کي ئي قرار ڏئي رهيو آهي، هيستائين 230 شهري شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ 36 عورتون، 40 ٻارڙا ۽ 15 بزرگ آهن، 1050 گهر ۽ 50 اسڪول به تباهه ٿيا، غزه جو انفرااسٽرڪچر تباهه ٿي ويو آهي، هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، جارحيت روزانو وڌي رهي آهي، ترڪ پرڏيهي وزير ميلوت چاوش اولو چيو ته اسرائيلي حملن سان بحران پيدا ٿيو آهي سڄي دنيا جا مسلمان پريشان آهن، ترڪي فلسطينين جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيندو، غزه کي دنيا جي سڀ کان وڏي اوپن ايئر جيل بڻايو ويو آهي، اسرائيلي حملا جنگي ڏوهه آهن. حملي جي ذميوارن کي سزا ملڻ گهرجي. سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان چيو ته فلسطين تڪرار عرب امن قدم تحت حل ڪيو وڃي، جنگبندي جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا، فلسطين مسئلو سعودي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي مرڪز آهي، زمينون واپس ملڻ تائين فلسطينين سان گڏ آهيون، اوڀر يروشلم مان فلسطينين جي بيدخلي رد ڪريون ٿا. جن به ملڪن جي نمائندن خطاب ڪيو انهن ۾ جنگبندي تي اتفاق هو هنن چيو ته فوري طور تي جنگبندي ڪئي وڃي. سالن کان فلسطين جو مسئلو هلندڙ آهي، اسان ساڳيون تقريرون ڪري ساڳيا ٺهراءُ پاس ڪندا آهيون.

يروشلم(م ڊ) اسرائيل فلسطين ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو جي صدارت هيٺ اسرائيل جي سلامتي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ غزا ۾ 11 ڏينهن کان جاري وحشياڻي بمباري روڪڻ جو اعلان ڪيو ويو، الجزيرا ٽي وي جي رپورٽ موجب جنگي ڪارروائيون روڪڻ لاءِ مصري ايلچي کي باصابطا طور آگاهه ڪيو ويو. ٻئي طرف اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي ڪابينا جنگ بندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي اڄ رات 2 وڳي کان جنگ بندي ڪئي ويندي جڏهن ته حماس پاران جنگ بندي بابت ڪوبه رد عمل سامهون نه آيو آهي.