غزا (م ڊ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي ملن سان پهريون ڀيرو اسرائيل وڏي مالي نقصان کي منهن ڏئي رهيو آهي. حماس جي حملن سبب اسرائيل جي واپاري ۽ بحري صنعت (شپنگ) کي نقصان پهتو آهي، جنهن سبب اسرائيلي پورٽس لاءِ وار رسڪ پريميئم لاڳو ڪيو ويو آهي. اسرائيلي پورٽ ويندڙ جهاز 50 هزار کان ڏيڍ لک ڊالر واڌو ڏيندا، جڏهن ته 7 ڏينهن کان وڌيڪ اسرائيلي پورٽ تي رهڻ جي صورت ۾ رقم ٻيڻي هوندي، ان کانسواءِ جهاز تي ڀريل سامان جي وار رسڪ پريميئم ۾ الڳ واڌ هوندي.