ماڙي جلباڻي ۾ ڳوٺاڻا پنهنجن ئي ماڻهن هٿان مارجي ويا: پوليس مقتولن جي وارثن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

0
333
ماڙي جلباڻي ۾ ڳوٺاڻا پنهنجن ئي ماڻهن هٿان مارجي ويا: پوليس مقتولن جي وارثن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو
ماڙي جلباڻي ۾ ڳوٺاڻا پنهنجن ئي ماڻهن هٿان مارجي ويا: پوليس مقتولن جي وارثن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

قاضي احمد: سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾  پيش آيل واقعي جو مقتولن جي وارثن  ۽ ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

سي آءِ اي انچارج مقصود  مڱڻهار جي فرياد تي 250 کان وڌيڪ  ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو

ايف آئي آر گناهه نمبر39 پي ايس  ماڙي جلباڻي تي قلم324،354  پي پي سي تحت داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ مقتولن جا وارث لياقت جلباڻي، رجب، غلام

May be an illustration of text

رسول، موريو، منير جلباڻي ۽ ٻيا نامزد ڪيا ويا آهن

ڪيس ۾ 200 کان 250  نامعلوم ڳوٺاڻن کي به نامزد ڪيو ويو،  ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس ۽ رينجرس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ته ڳوٺاڻن گهيرو ڪري ورتو

ايف  آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رينجرز پنهنجي جوانن کي ڇڏائڻ لاءِ لاٺي  چارج ڪئي ته ڇتين تي ويٺل ڳوٺاڻن فائرنگ ڪري ڏني، ڳوٺاڻن جي فائرنگ ۾ سندن ئي ڳوٺاڻن  کي گوليون لڳيون، رينجرز جي فائرنگ ۾  صرف هڪ ڄڻو زخمي ٿيو

هي به پڙهندا

ماڙي جلباڻي واقعو، جاچ ٽيم پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جا نالا جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيا