اسمگلنگ ۾ ملوث فوجي آفيسرن جو ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو: سرفراز بگٽي

0
141
اسمگلنگ ۾ ملوث فوجي آفيسرن جو ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو: سرفراز بگٽي
اسمگلنگ ۾ ملوث فوجي آفيسرن جو ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو: سرفراز بگٽي

اسلام آباد: نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته آرمي چيف واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اسمگلنگ ۾ ملوث فوج جي ماڻهن جو ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو، فوج پنهنجي احتساب جو نظام 9 مئي جي واقعن بعد ڪارروائين ذريعي ثابت ڪري ڏيکاريو، ڪڻڪ، کنڊ ۽ ڀاڻ جي اسمگلنگ ۾ سرڪاري آفيسر ۽ سياستدان به ملوث آهن، افغان تجارت جي نالي تي واپار گهٽ ۽ اسمگلنگ وڌيڪ ٿي رهي هئي، ان کي بهتر ڪري رهيا آهيون

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران  سرفراز بگٽي چيو ته ڪڻڪ، کنڊ ۽ ڀاڻ جي اسمگلنگ اٺن تي نه پر ٽرڪن تي ڪئي وئي، اسمگلنگ خلاف ڪارروائين دوران 8 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ هٿ ڪئي وئي

ڪارروائين دوران 2 هزار 2 سئو ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ 4 هزار 3 سئو ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ به هٿ ڪيو ويو، حوالا هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائين بعد ڊالر جي ملهه ۾ لاٿ آئي آهي

نگران گهرو وزير موجب حوالا هنڊي ۾ ملوث ماڻهن خلاف 168 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، غير قانوني طور غير معياري پيٽرول ۽ ڊيزل وڪرو ڪندڙن خلاف به ڪارروائيون جاري آهن