ماڙي جلباڻي واقعو، جاچ ٽيم پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جا نالا جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيا

0
283
ماڙي جلباڻي واقعو، جاچ ٽيم پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جا نالا جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيا
ماڙي جلباڻي واقعو، جاچ ٽيم پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جا نالا جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيا

سڪرنڊ (رپورٽر) ماڙي جلباڻي واقعي جي جاچ ڪندڙ ٽيم پوليس آفيسرز ۽ اهلڪارن جا نالا جاچ  ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن

 سي آءِ  اي  انچارج مقصود رضا مڱڻهار، ايس ايڇ او وومين پوليس مريم ڀرٽ، ايس ايڇ او طفيل ڀٽو، ايس ايڇ او کڏهر مجيب الرحمان ناريجو ۽ ٻيا پوليس اهلڪار به جاچ ۾ شامل آهن

 ماڙي جلباڻي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي ڪارروائي دوران 4 ڳوٺاڻا مارجي ويا هئا، مقتولن جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماڙي جلباڻي واقعي خلاف مظاهرا، ڪراچي ۾ تين تلوار تي واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو

لاڙڪاڻو، ميهڙ، خيرپورناٿن شاهه، بلڙي شاهه ڪريم، ڍورو نارو، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا، واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو

هي به پڙهندا

ماڙي جلباڻي ۾ ماتم، جاچ ڪميٽي به پهچي وئي، متاثر ڌريون طلب