حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ حڪومت پاران 2021ع ۾ لاڳو ڪيل تعليم پاليسي کانپوءِ ڪو به سيڪنڊري ۾ نٿو وڃي سگهي پر تنهپرائمري استاد سيڪنڊري توڙي هائير ن هوندي به حيدرآباد سميت سڄي سنڌ ۾ 300 کان وڌيڪ پرائمري استادن کي غيرقانوني ترقيون ڏئي سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري استاد طور مقرر ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ تعليم کاتي سنڌ ۾ هم خيال پرائمري سينيئر ۽ جونئير استاد الائينس جي اڳواڻ سيد عطاءُ الله شاهه، عمران سيد، رحمان مرزا ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ 40 پرائمري ٽيچرن کي مٿين عهدن تي ترقيون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ 20 کان 30 استادن کي ترقيون ڏنيون ويون آهن پر سنڌ حڪومت پاران لاڳو ڪيل تعليم پاليسي کانپوءِ اهي ترقيون غيرقانوني آهن. هنن نگران سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي آهي ته تعليم کاتي سنڌ جي پرائمري استادن کي سروس اسٽريڪچر ڏئي اسڪولن ۾ ٻاهران گهرايل 17، 18 ۽ 19هين گريڊ جي استادن جون مقرريون بند ڪيون وڃن. هنن چيو ته تعليم کاتي سنڌ ۾ 2021ع کان لاڳو ٿيل تعليمي پاليسي تي عمل نه پيو ٿئي. 24 فيبروري تي لاڳو ٿيل تعليمي پاليسي تحت پرائمري ٽيچرن جي پوسٽ کي اپگريڊ ڪري 9 مان 14 اسڪيل ڪيو ويو جنهن تحت پرائمري استادن جي 14 گريڊ ۾ ڀرتيون ڪيون ويون پر جاري ٿيل تعليمي پاليسي جي اهم نڪتي سروس اسٽريڪچر تي عمل نه ٿيو آهي. سروس اسٽريڪچر نه ملڻ سبب پرائمري اسڪولن تي 17، 18 ۽ 19هين گريڊ جي پوسٽن تي ٻاهران ماڻهو قابض ٿي رهيا آهن جڏهن ته پرائمري اسڪول جو سينيئر هيڊ ماستر 17هين اسڪيل جو آهي جنهن ڪري اها پوسٽ پرائمري استاد جو حق آهي. هنن چيو ته 2016ع ۾ 754 آءِ بي اي ذريعي ڪانٽريڪٽ تي هيڊ ماستر مقرر ڪري پرائمري استادن جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو ۽ هاڻ وري 17، 18 ۽ 19هين گريڊ جي پوسٽ تي سيڪنڊري مان هيڊ ماستر مقرر ڪري ڌاڙو هنيو پيو وڃي. هنن چيو ته پرائمري استادن جي 2001ع کان تعليمي انڪريمينٽ بند آهي. پرائمري استادن کي رٽائرمينٽ وقت گروپ انشورنس نٿي ملي. پرائمري استادن جي اولاد لاءِ يونيورسٽين ۾ داخلا جي ڪا به ڪوٽا نه آهي. هنن گهر ڪئي ته پرائمري استادن جا مردمشماري جا رهيل پئسا ڏياري پرائمري اسڪولن ۾ درسي ڪتابن جي کوٽ سبب معصوم ٻارن جي تعليم کي نقصان پهچي رهيو آهي ان ڪري پورا ڪتاب ڏئي زبون حال ٿيل اسڪولن جي مرمت ڪرائي اسڪولن کي فرنيچر فراهم ڪيو وڃي.