ماڙي جلباڻي ۾ ماتم، جاچ ڪميٽي به پهچي وئي، متاثر ڌريون طلب

0
315

ڪراچي (نمائندن وٽان)سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل چئن ڄڻن جي واقعي بعد ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ سندس ٽيم سرڪٽ ھائوس نواب شاهه پھچي وئي، شھيدن جي واثن کي به سرڪٽ هائوس گھرائي ورتو آهي

مقتولن جا وارث محمد مٺل جلباڻي، گل محمد جلباڻي، راڻو خان جلباڻي، حاجي ميھار، نواب جلباڻي، فريادي راھب خان جلباڻي جي اڳواڻي ۾ سرڪٽ هائوس پهچي ويا

ماڙي جلباڻي ۾ سوڳ واري صورتحال برقرار اهي، مقتولن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، فائرنگ ۾  مارجي ويل سجاول، نظام الدين، امام بخش ۽ ميهار جلباڻي جون وارث عورتون توڙي ٻارڙا روئي روئي بيحال بڻيل آهن

ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾  مقتولن جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، وارثن طرفان بيگناهه گوليون هڻي  قتل ڪيل 4 نوجوانن جي خون سان انصاف جو مطالبو ڪيو پيووڃي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماڙي جلباڻي واقعي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن، لاڙڪاڻو، ميهڙ، خيرپورناٿن شاهه، بلڙي شاهه ڪريم، ڍورو نارو، قاضي احمد ۽  ٻين شهرن ۾ احتجاج جاري آهي

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 4 ڳوٺاڻن کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، واقعي جي عدالتي جاچ ڪئي وڃي، ڌاڙيلن بدران بيگناهه ڳوٺاڻن کي ماريو پيو وڃي، انصاف ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

سڪرنڊ واقعي ۾ قتل ٿيل 4 ڳوٺاڻن جو اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل، جاچ ڪاميٽي قائم