پني عاقل ڀرسان ٻن ڌرين  ۾ جهيڙو، ناري مارجي وئي، 4 ڄڻا زخمي

0
222
پنوعاقل جي ڪچي ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ ھڪ ناري قتل، ٻي زخمي
پنوعاقل جي ڪچي ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ ھڪ ناري قتل، ٻي زخمي

پنوعاقل (رپورٽر) پنوعاقل ڀرسان بُلابرادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي ۾ فائرنگ دوران ناري قتل ٿي وئي، هڪ ناري سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڳوٺ لال پير ۾ بُلا برادري جي ٻن ڌرين  ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿيو،  فائرنگ ۾ 2 نارين سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا

لال پير واري علائقي ۾ بُلا  برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي دشمني  تان ھڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ جي ڪري ٻنھي ڌرين جي ٻن نينگرين سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا

فائرنگ ۾ زخمي ٿيل حميده گهوٽڪي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، ٻي ناري صغران جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جھيڙي جي سمورن زخمين کي مقامي اسپتال ڏانھن منتقل ڪيو ويو

گھوٽڪي ۽ سکر پوليس پاران حد بندي جو تڪرار ڄاڻايو ويو، ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي، دادلوءِ پوليس موجب  هي اسان جي حد ناھي، گھوٽڪي ضلعي جي آھي

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته قربان بلو ۽ شعبان بلو جي ڌرين ۾  پراڻو جھيڙو ھلندڙ آھي، اڳ به ٻنھي ڌرين جا خون ٿيل آھن