هروڀرو فلم مان ڪڍيو ويو، سدائين ائين ڪندا آهن: راڪل پريت سنگهه

0
237
هروڀرو فلم مان ڪڍيو ويو، سدائين ائين ڪندا آهن: راڪل پريت سنگهه
هروڀرو فلم مان ڪڍيو ويو، سدائين ائين ڪندا آهن: راڪل پريت سنگهه

ڪراچي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جون اڪثر شخصيتون سوشل ميڊيا تي پنهنجون ڪاميابيون شيئر ڪنديون آهن، تازو ئي نوجوان اداڪارا راڪل پريت سنگهه پنهنجي فلمي سفر بابت شيئر ڪيو

اداڪارا سوشل ميڊيا ويب سائيٽ انسٽاگرام تي چيو ته شروعاتي ڏينهن ۾ مان صرف هڪ نوجوان ڇوڪري هئس، جنهن وڏي اسڪرين تي ظاهر ٿيڻ جو خواب ڏٺو پر فلم انڊسٽري جي ڪا به ڄاڻ نه هئي

هن چيو ته سئنيما ۾ منهنجو سفر لاهن چاڙهن، قبوليت ۽ انڪار سان ڀرپور رهيو پر هميشه سٺي سکيا جو تجربو رهيو. راڪل جو چوڻ هو ته ممبئي منتقل ٿيڻ ۽ هتي هڪ نوجوان ڇوڪري جي حيثيت ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو هو

آڊيشن لاءِ قطار ۾ بيهڻ ۽ ڪاسٽنگ ايجنٽن ۽ ڊائريڪٽرن سان ملڻ، فلمون سائن ڪرڻ ۽ پوءِ ان جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي اداڪار جي فلم ۾ شامل ٿيڻ، اهو سڀ ڪجهه مون کي بهترين تجربو ڏنو