بينڪ جي لاڪر ۾ پيل لکين رپيا اڏوهي کائي وئي

0
387
بينڪ جي لاڪر ۾ پيل لکين رپيا اڏوهي کائي وئي
بينڪ جي لاڪر ۾ پيل لکين رپيا اڏوهي کائي وئي

نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هڪ انوکو ۽ حيران ڪندڙ واقعو پيش آيو جنهن ۾ بينڪ جي لاڪر ۾ رکيل لکين رپيا اڏوهي کائي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو اترپرديش جي رياست جي شهر مرادآباد ۾ پيش آيو جتي هڪ عورت الڪا پاٺڪ آڪٽوبر 2022ع ۾ پنهنجي ڌيءَ جي شادي لاءِ ڪجهه زيورن سان گڏ 18 لک رپيا هڪ بينڪ جي لاڪر ۾ رکرايا هئا

ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته الڪا هڪ ننڍو ڪاروبار هلائيندي آهي ۽ گڏ ئي شاگردن کي ٽيوشن جا ڪلاسز به ڏيندي آهي جنهن پنهنجو الهه تلهه ڌيءَ جي شادي لاءِ رقم ۽ زيورن جي صورتن ۾ بينڪ جي لاڪر ۾ رکرايو هو. الڪار کي ان واقعي جي خبر تڏهن پئي جڏهن هن کي بينڪ طرفان سالياني لاڪر مينٽيننس ۽ ٻي ضروري تصديق جي حوالي سان ڪال آئي

جنهن تي بينڪ وڃي لاڪر ڏسڻ تي عورت حيران ٿي وئي. عورت ڏٺو ته هن جي گھڻن نوٽن تي اڏوهي حملو ڪيو آهي ۽ گھڻن نوٽن کي ته اڏوهي کائي ڇڏيو آهي جنهن تي عورت فوري طور تي بينڪ جي انتظاميا کي لاڪر جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو، لاڪر ۾ اڏوهي جي هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪارروائي ڪرڻ جو چيو. واقعي تي بينڪ انتظاميا ڪارروائي ڪندي نقصان جي حد جو اندازو لڳائڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي