سڪرنڊ واقعي ۾ قتل ٿيل 4 ڳوٺاڻن جو اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل، جاچ ڪاميٽي قائم

0
317

ڪراچي/ سڪرنڊ (نمائندن وٽان) سڪرنڊ واقعي ۾ قتل ٿيل 4 ڳوٺاڻن جو اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل، واقعي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪاميٽي قائم، ان ڏس ۾ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي فائرنگ ۾   4 ڳوٺاڻا قتل ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس ماڙي جلباڻي ٿاڻي تي فوتين جي ڀاءَ راهب جلباڻي جي مدعيت ۾ گناهه نمبر 39/2023 تحت قلم 324,302 تحت داخل ڪيو ويو آهي

ڪيس ۾  فريادي ڄاڻايو آهي ته  3 وڳي  ڌاري گهرن ۾ ويٺا هئاسون، دروازي جي سامهون 5 پوليس موبائلون ، هڪ اڇي ۽ هڪ ڪاري ڪلر جي ويگو ۽ 3 قانون نافذ ڪندڙ ادارن جون گاڏيون بيٺيون هيون، جنهن مان 40/45 مختلف سرڪاري ورديون پهريل 10 سول ڪپڙن ۾ ملبوس ماڻهو لٿا جن لهڻ سان چيو ته توهان دهشتگرد آهيو

اڄ توهان نه ڇڏينداسون، ماري خون ڪنداسون، ايئن چئي سڌي فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏني، جنهن فائرنگ ۾ منهنجو ڀاءُ سجاول جلباڻي ۽ عزيز نظام الدين جلباڻي قتل ٿي ويا، ۽  امام بخش جلباڻي، ممتاز جلباڻي ، امام الدين جلباڻي، الهداد جلباڻي، سارنگ جلباڻي ، علي نواز جلباڻي ۽ لياقت جلباڻي زخمي ٿي پيا

ڳوٺاڻن جي مدد سان فوتين ۽ زخمين کي کڻائي تعلقه کڻي وڃي رهيا هئاسين ته  رستي ۾ امام بخش ۽ ميهار به دم ڏئي ڇڏيو،  جنهن بعد اسان چئني فوتين جا لاش نيشنل هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو

هوڏانهن  سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سڪرنڊ واقعي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي 4 ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ گهري ورتي آهي

جمعي ڏينهن نيو ميمڻ مسجد ۾ 12 ربيع الاول جي جلوس ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن سڪرنڊ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. وڏي وزير چيو ته مون گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز کان سڪرنڊ واقعي بابت تفصيلي پڇا ڳاڇا ڪئي آهي. اهڙا واقعا ڏکوئيندڙ آهن، اهي  نه ٿيڻ گهرجن

هن حيدرآباد جي ڪمشنر خالد حيدر شاهه، ڊي آءِ جي بينظير آباد ۽ ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ تي ٻڌل جاچ ڪاميٽي  جوڙي سڀاڻي تائين جاچ رپورٽ طلب ڪئي آهي

سڪرنڊ واقعي خلاف سنڌ سراپا احتجاج: مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

سڪرنڊ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي فائرنگ ۾ 4 ڳوٺاڻن جي قتل واري واقعي خلاف سنڌ سراپا احتجاج، مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوائٽي جا مظاهرا، ڌرڻا، ريليون، ان سلسلي ۾ سنڌ بار ۽ ڪراچي بار جي اپيل تي ڪراچي  ۽ ملير ضلعي جي عدالتن ۾ هڙتال رهي، وڪيل عدالتن  ۾ پيش نه ٿيا، سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن بينر کڻي احتجاج ريڪارڊ ڪيو. ان موقعي تي سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين ذوالفقار جلباڻي، اياز چانڊيو، ارشاد شر، ماجد شر ۽ ٻين سڪرنڊ واقعي جي جوابدارن خلاف قانوني جنگ وڙهڻ جو اعلان ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان کان واقعي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو

ٻئي طرف  ڪراچي ۾ پريس ڪلب اڳيان  ايس يو پي طرفان منير مگسي ۽ سول سوسائٽي  پاران ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو،  مھناز رحمان، الاھي بخش بڪڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، ساڳئي ريت ملير جسقم، پ پ (شهيد ڀٽو)، سنڌي ادبي سنگت سميت مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي انعام سيال، محسن سيال، طاهر مغيري، جي ايم سيال، اصغر باغي، ڪاشف شر، بلال لاکو ۽ ٻين خطاب ڪيو، حيدرآباد ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ ڪيسن جي پيروي نه ڪئي ۽ وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ سبب عدالتي عملي سائلين کي نيون تاريخون ڏئي واپس روانو ڪري ڇڏي. حيدرآباد ۾ ايس يو پي ۽ ٻين قومپرست پارٽين جي سڏ تي قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي مظاهرو ڪيو ويو. ڌرڻي ۾ ايس يو پي اڳواڻ رسول بخش ٿيٻو، سينيئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو، سمي چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو سکر ۾ عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ

سنڌ ايڪشن ڪاميٽي طرفان عيدن جاگيراڻي، حڪيم زنگيجو، علي شير مهر، ايڊووڪيٽ سندر چاچڙ، حاڪم جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ، لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ڊاڪٽر مظهر مغل، صدر ڀٽي، محمد قاسم شاهاڻي، آفتاب گهانگهرو، لياقت پنهور، غلام رسول شيخ، رياض جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نوشهروفيروز ۾ سڪرنڊ واقعي خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، بار اڳواڻن اياز مري ايڊووڪيٽ، شوڪت ٻوھيو ۽ ٻين احتجاج پڻ ڪيو، ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن دلمراد ڏاهاڻي، ظريت بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، شھدادڪوٽ ۾ ايس يو پي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن حمل خشڪ، فضل حيدري، ذوالفقار سيلرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو

خيرپور ۾ فياض خميساڻي، شهناز شيخ، رياض جلباڻي، محمد يوسف، محمد مٺل جلباڻي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. مٽياري ۾ جسقم پاران سجيل سالاريو، مظھر انڙ ۽ اصغر منگواڻو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو، ٽنڊوالھيار ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران عيدگاھ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري مظفر رند، عبدالرحمان مغل، غلام حسين شاهه جي اڳواڻي احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته پ پ ش ڀ جي ڪارڪنن نور محمد منجهو، بابل ڪوريجو، عبدالسميع سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، قمبر ۾ پ پ شھيد ڀٽو، يوٿ فورم ۽ سول سوسائٽي طرفان طفيل سانگاهه، اياز ٻرڙو، شوڪت چانڊيو، قادر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، ٽنڊو محمد خان ۾ ايس يو پي، جيئي سنڌ محاذ ، عوامي تحريڪ ، جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ جي ڪارڪنن احتجاج ڪيو، بدين ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران الڳ الڳ ايوان صحافت بدين  اڳيان احتجاجي مظاهرا. مرڪزي اڳواڻ شاھنواز سيال غلام قادر مراداڻي ۽ ياسر سيال جي اڳواڻي ۽ ايس يو پي پاران علي حيدر شاھ ۽ ماجد انصاري جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت آڏواحتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، گهوٽڪي ۾ به  عدالتي ڪارروائين بائيڪاٽ ڪيو ويو  وڪيلن  عبدالرزاق مهر لياقت علي ملاڻو علي اصغر پنهيار ۽ ٻين احتجاج ڪيو، سٺ ميل ۾ جلباڻي برادري، نوجوان اتحاد، شھري ايڪشن ڪميٽي پاران   گل رحمان جلباڻي، سهراب خان مري،  منظور احمد جلباڻي زبير احمد جلباڻي ۽ ٻين احتجاج ڪيو

نوشهروفيروز ۾ وسطڙو، حبيب مشوري، اقبال راڄپر ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪنڊيارو ۾ جسقم طرفان هارون ڪلهوڙو,سلطان گهانگهرو,مجيب اڄڻ ۽ٻين جي اڳوآڻي ۾ ريلي ڪڍي، سرهاري ۾ جسقم پاران   خان سندھي، علي جمالي، ديشي اشفاق، فضل مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڦلجي اسٽيشن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن جو ريلي ڪڍي ايوان صحافت پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو، نوري آباد ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ايس يو پي اڳواڻ شير علي پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڀان سيدآباد ۾ جلباڻي برادري پاران دلدار جلباڻي، مظهر جلباڻي جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو  ويو، ڀان سيدآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي مرڪزي نائب صدر روشن ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

ھالا ۾ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ايس يو پي اڳواڻ انور ٻرڙو، شڪور ناز خاصخيلي، جسقم اڳواڻ عبدالرشيد ڏيٿو احتجاج ڪيو، ڪوٽڙي ۾ ايس يو پي ڪارڪنن ۽ ڄامشورو بار ايسوسيئيشن پاران  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، وارهه ۾ عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ ۽ پ پ ش ڀ طرفان ڪامريڊ مصطفيٰ چانڊيو، غفار ميرجت، عرفان منان، نياز حيدري، محسن ابڙو، مجيب چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڏوڪري ۾ ايس يو پي ڪارڪنن صابر جروار، زبير جکرو، محمد علي کوسو، جميل شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، گاجي کهاوڙ ۾ ڳوٺ الله رکيو جلباڻي جي رهواسين حريث جلباڻي، نويد جلباڻي، ميان شفيق الرحمان جلباڻي احمد گل جلباڻي ساجد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو

لعلورائنڪ ۾ جيئي سنڌ محاذ، ايس يو پي ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن ياسين بليدي، سراج بليدي، ساگر تونيو، محمد علي بليدي ، عبيد سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٽنڊوباگو ۾سول سوسائٽي، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن پاران ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان امين سنڌي، جمن شاه، فراق هاليپوٽو ۽ غلام قاسم خاصخيلي جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جاتي ۾ايس ٽي پي جي سڏ جاتي ۾ ڪامريڊ اشرف ٿهيم،عادل لغاري،ذوالفقار ترڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لينڊوا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، راڄوخاناڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت، سول سوسائٽي ۽ عوامي تحريڪ پاران خاڪي جاني، مير عاشق ٽالپر، مير آصف ٽالپر، محمد حسن جعفري، توقير ڳلھڙو، ڪامريڊ ھري رام ڪولھي.۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، کيبر ۾ ايس ٽي پي پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، خيرپورناٿن شاھ ۾ ايس ٽي پي، ايس يو پي، پورھيت مزاحمت تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ڌار ڌار احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو

سيوھڻ ۾ايس يو پي تعلقه جي صدر محمد نواز رند جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاج ڪيو، ڍورونارو ۾ ايس يو پي ڍورونارو پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرو ڪامريڊ روشن منڱريو ،مھر علي سمون، بچل چوپاڻ جي اڳواڻي ۾ ڍورونارو پريس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڊگھڙي ۾ ايس ٽي پي ،قومي عوامي تحرڪ،  ۽ عوامي تحريڪ طرفان پريس ڪلب ڊگھڙي آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ايس ٽي پي ضلعي ميرپورخاص جو جنرل سيڪريٽري محبوب دل ،پرويز نوحاڻي،قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ ارباب نوحاڻي۔عوامي تحريڪ ضلعي جو صدر امير بخش جروار ۽ ٻين شرڪت ڪئي

نصيرآباد ۾ ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ، جسم، عوامي ورڪرز پارٽي، جي يو آءِ پاران فقير علي گل ڪانڌڙو، عنايت تنيو، دلدار ايري، ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو، رياض ڦلپوٽو، مولوي محمد ياسين ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ميھڙ ۾ عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪيو ويو، بار جي صدر نجيب مھيسر، وڪيل سعيد پنھور ۽ ٻين جي اگواڻي ۾ عدالتي گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو، هوڏانهن ايس يو پي پاران سڪندر سوڍر ، حاجي خان مارفاڻي احتجاج ڪيو ويو، سڪرنڊ ۾  شهمير جمالي ، ايوب کوسو ، قاسم سومرو ،  مسعود شاهه ،  فيض ڪيريو ۽ ٻين احتجاج ڪيو.  ٽنڊي آدم ۾   عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جڏهن ته  ڪامريڊ محمد خان پنهور، باغي مجاهد ٿهيم، سرور ابڙو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، دوڙ ۾ مجاهد رستماڻي امان الله سنڌي بادل بروھي منتظر وڳڻ ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. ميرپورماٿيلو ۾ ڪمال مھر،نظام ڪلوڙ،  رمضان ڪلوڙ،  اڪرم ميتلو، علي عمراڻي   ۽ ٻين احتجاج ڪيو، پنوعاقل ۾  جمال ناصر بلو ، وڪيل علي محمد ملاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فائرنگ ڪري قتل ڪيل 4 ڳوٺاڻن جي واقعي جو نوٽيس وٺي، جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي

اکين سان پنهنجن کي تڙپندو ۽ سندن لاش ڏٺا آهن: عورتون

سڪرنڊ: سڪرنڊ ماڙي جلباڻي ۾  قتل ٿيل اڪن جلباڻي، نظام الدين جلباڻي، سجاول جلباڻي ۽ ميھار جلباڻي جي مائرون ڀينرون، ونيون ۽ ڌيئرون مسمات جنت خاتون، مسمات  سدوري ۽ ٻين عورتن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته  پنهنجي اکين سان پنهنجن جا لاش ۽ کين تڙپندو ڏٺو آهي، ھنن روئندي چيو ته  اسان جي سامهون وردي پھريل ماڻهن  سڌيو گوليون ھڻي ماڻهن کي قتل ڪيو آهي

ماڙي جلباڻي ۾ ٿيل قتل عام وارو ڏينهن ڪارو ڏينهن قرار، جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي گهر

 سنڌ جي زمينن تي قبضن ، پاڻي تي ڌاڙن ، وسيلن جي ڦرلٽ ، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ، ڌاڙيل راڄ ۽ مهانگائي خلاف عوامي تحريڪ پاران دادو پريس ڪلب جي هال ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي ، ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پيش آيل واقعي تي ٻه منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي

دادو ۾ ٿيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته ھڪ منصوبابندي سان وقت کان اڳ غير قانوني غير آئيني فرمائشي ۽ فراڊي ڊجيٽل آدمشماري سنڌي قوم جي اڪثريت کي اقليت ۾ ڏيکارڻ لاءِ ڪرائي وئي ته جيئن بوگس آدمشماري جا من پسند انگ اکر ڏيکاري سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري سگھجي ، هن چيو ته زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي سمورن ضلعن جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين غير ملڪين حوالي ڪئي پئي وڃي ، دادو جي ڪي اين شاھ جي 23 هزار ايڪڙ ، جوهي جي 45 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين غير ملڪين کي ڏيڻ جي سازش ڪئي وئي آهي ، عوامي تحريڪ سنڌ جي زمينن مٿان قبضي خلاف سنڌي عوام کي سجاڳ ڪندي ۽ سنڌ جو عوام پرامن جمهوري جدوجھد وسيلي پنهنجي ڌرتي جو بچاء ڪندو ، هن چيو ته ڌاڙيلن کي رياست ۽ سردارن جي سرپرستي حاصل آهي ، سنڌ جو امن سازش تحت خراب ڪيو ويو آهي

سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري سنڌ ۾ ڌاريا آباد ڪري نئون اسرائيل ٺاهڻ لاء هڪڙي پاسي سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم ڪيو ويو آهي ته ٻي پاسي آئين ۽ قانون کي معطل ڪري غير جمهوري قوتن کي طاقت بخشي وئي آهي ، هن مطالبو ڪيو ته گورک تي ٻڪرين جي واڙن جي نالي ۾ گورک جي زمينن تي قبضو ڪيو ويو آھي.پيپلز پارٽي سميت ڪچي جي زمينن تي بااثر وڏيرن سردارن جا ڪيل قبضا ختم ڪرايا وڃن. زمينن جي الاٽمينٽ رد ڪري، مقامي ماڻهن کي زمينون الاٽ ڪري کين سرمائيڪاري لاءِ همٿايو وڃي.  مقامي ڌنارن کي آسان قسطن تي قرض ڏئي کين جديد طرز جا ڪيٽل فارم ٺاهي ڏنا وڃن. هن چيو ته گورک هل اسٽيشن تي انگريزن جي دور کان وٺي عالمي سامراجي قوتن جي ميري اک آهي، پيپلز پارٽي انهن سامراجي قوتن جي سهولتڪاري ڪري گورک به غير ملڪين جي حوالي ڪري رهي آهي. ھن چيو ته لکين غير ملڪي افغانين ۽ ٻين کي جلد پنھنجن ملڪن ڏانھن واپس موڪليو وڃي. مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته آدمشماري وسيلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي

آدمشماري تحت تڪبندين ۾ سنڌ جون 3 صوبائي ۽ هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ گهٽائي وئي آهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي علائقن جون سيٽون وڌايون ويون آهن ، ايڊوڪيٽ ساجد حسين مهيسر چيو ته نين تڪبندين ۾ ايم ڪيو ايم جي اڪثريتي علائقن جون سيٽون وڌائي ايم ڪيو ايم جي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري ملڪ دشمن مطالبي ۾ ساھ ڦوڪيو ويو آهي ، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماھ نور ملاح چيو ته سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻايو ويو آهي ، سنڌ ۾ انساني حق معطل ڪيا ويا آهن ، سنڌ کي ڌاڙيل جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ، ستار رند چيو ته پنجاب نوان ڊيم ، ڪئنال ۽ بئراج جوڙي سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي ، سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي ، ارسا جو ڪردار سنڌ دشمني وارو آهي ، عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمٰن مهيسر چيو ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري غريب مسڪين ماڻهن کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي ، ڪڻڪ ، کنڊ ۽ ٻيون کاڌ خوراڪ جون شيون افغانستان اسمگل ڪيون ويون آهن جنهن ڪري سنڌي ماڻهو کاڌ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿي ويا آهن ، ماڙي جلباڻي ۾ ٿيل قتل عام  واري ڏينهن کي سنڌي عوام لاء ڪارو ڏينهن قرار ڏنو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته هن سانحي جي اعلي عدالتي ڪميشن جوڙي جاچ ڪئي وڃي ، ماڙي جلباڻي ۾ ٿيل قتل عام ۾ قاتلن جي حمايت ۾ بيان بازي ڪرڻ تي سنڌ جي گهرو وزير حارث نواز ، ايس ايس پي نوابشاھ ۽ ڊي جي رينجرز کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو پڻ ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو

ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ، عوامي تحريڪ جي سينئر اڳواڻ سرتاج چانڊيو ، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري سنڌو ، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح ، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ سينيئر صحافي گلڻ ڀنڊ ، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ عبدالخالق ٻگهيو ، شاعر عاشق دادوي ، سجاڳ سنسار جي اڳواڻ معشوق برهماڻي ، سنڌي ادبي سنگت دادو جي سيڪريٽري رجب آزاد ، شهيد ڀٽو جي ضلعي صدر غلام نبي جمالي ، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي مرڪزي اڳواڻ راجا رفيق پنهور ، بخت حسين ملاح ، حيدر ملاح ، هادي بخش کونھارو ۽ ٻين پڻ ڪانفرنس کي خطاب  ڪيو