افغانستان سهڪار نه ڪرڻ تي ڀارت ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو

0
158
افغانستان سهڪار نه ڪرڻ تي ڀارت ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو
افغانستان سهڪار نه ڪرڻ تي ڀارت ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو

افعانستان دهليءَ ۾ پنهنجو سفارتخانو بند ڪري ڀارتي حڪومت تي سهڪار نه ڪرڻ جو الزام  هڻي ڇڏيو، افغان سفارتخاني طرفان ڀارتي پرڏيهي وزير کي خط لکي پهرين آڪٽوبر کان سفارخانو بند ڪرڻ جي آگاهي ڏني وئي

 خط ۾ لکيو ويو ته ڀارت سفارتي ڪم ۾ سهڪار نه ٿو ڪري،ڀارت افغان سفارتخاني کي باءِ پاس ڪري سڌي ريت ڪابل سان رابطو ڪري رهيو آهي، جنهن سان معاملا خراب ٿي رهيا آهن

افغانستان سفارتخاني موجب اهڙي صورتحال ۾ اسلامي جمهوريه افغانستان نئين دهلي ۾ پنهنجو سفارخانو بند ڪرڻ ضروري سمجهي ٿو

ذريعن موجب  ڀارت 2021ع دوران اقتدار ۾ آيل طالبان حڪومت کي تسليم ناهي ڪيو، ڀارت افغان سفارتخاني کي اڳوڻي صدر اشرف غنيءَ جي مقرر ڪيل سفير ۽ مشن جي عملي  تحت  ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏني هئي، جيڪو امريڪي فوج  جي نڪرڻ بعد ڪابل مان فرار ٿي ويو هو