لنڊن(دلچسپ نيوز) ماهرن بيد بدران بانس مان ڪرڪيٽ بيٽ ٺاهي ورتي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي جي انجنيئرن بانس تي تجربو ڪيو. در شيل شاهه، بين ٽنڪلر ۽ مائيڪل ريميج بانس مان بيٽ تيارڪري ورتي آهي. سندن چوڻ آهي ته بانس مان تيارڪيل بيٽ نه رڳوهلڪو پرمضبوط ۽ سستوبه آهي. درشيل شاهه ٻڌايو ته نئين بيٽ ۾ اسٽروڪ به بيد واري بيٽ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته بانس واري بيٽ ذريعي غريب ملڪن ۾ ڪرڪيٽ کي وڏي هٿي ملندي.واضح رهي ته لڳ ڀڳ 200 سال کان ڪرڪيٽ بيٽ جي تياري بيد جي ڪاٺ مان ڪئي وڃي ٿي جيڪا هڪ معياري درجو رکي ٿي تنهن هوندي به ڪرڪيٽ جو شوق رکندڙ سائنسدانن جو خيال آهي ته ڪرڪيٽ سان وابسطا سمورين شين ترقي ڪئي آهي انڪري بيٽ به ترقي ڪرڻ گهرجي. انڪري اهڙو تجربو ڪيو ويو.