راڻيپور ڀرسان روڊ حادثي ۾ پوليس اهلڪار فوت

0
243

راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور ڀرسان قومي شاهراھ تي پوليس پڪٽ تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار اميد علي وساڻ ڊيوٽي دوران روڊ ڪراس ڪندي ڪراچي کان رحيم يار خان ويندڙ وين جي ٽڪر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي راڻيپور اسپتال نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته راڻيپور پوليس وين کي پنهنجي تحويل وٺي ڇڏيو، فوت ٿي ويل پوليس اهلڪار جي جنازي نماز ڳوٺ علي آباد وساڻ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ايس پي هيڊڪواٽر محمد انور بگٽي، ڊي ايس پي هيڊڪواٽر مهدي رضا آرائين ۽ ٻين عملدارن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.