هونيرا(دلچسپ نيوز) معصوم ٻارڙي جيترو ڏيڏر ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا جڏهن ته وڊيو وائرل ٿيڻ بعد دلچسپ تبصرا روع ٿي ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آفريڪا جي ٻيٽ سولومون ۾ ڳوٺاڻن ٻارڙي جيڏو هڪ ڏيڏر گهمندي ڏٺو، ڏيڏر ڳوٺ جي گهٽين ۾ رڙهندو رهيو جنهن سبب ڳوٺاڻا حيران ٿي ويا جڏهن ته ڏيڏرکي بعد ۾ ڪتن پڪڙي ورتو ۽ هو ان کي اهستي آهستي وڻڻ جي اوٽ ۾ وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ ان سان کيڏڻ لڳا جنهن تي ڳوٺاڻن وڊيو ٺاهي ورتي. سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ان کي تمام وڏي انگ ۾ ماڻهن پسند ڪيو ۽ ان تي دلچسپ تبصرا پڻ ٿي رهيا آهن ٻئي طرف ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هنن ان کان اڳ ايڏو وڏو ڏيڏر ڪڏهن به نه ڏٺو هو.