مانجھند (ن پ ا) مانجھند ۾ حبيب الله ڪول مائينز ڪمپني جي رٽائرڊ ملازمن ڊبل سروس نھ ملڻ خلاف ڪم ڇڏي احتجاجي مظاھرو ڪيو. جنهن سبب ڪيتريون ئي ڪوئلي جون ٽرڪون لوڊنگ کان رھجي ويون، جنهن تي احتجاجي اڳواڻي ڪندڙ گلزار کوسو انور کوسو ۽ روال کوسو ٻڌايو تي حيبب الله ڪول مائينز ڪمپني ۾ 8 مھينا اڳ 13 ملازمن رٽائرڊمينٽ ورتي ھئي رٽارئرڊ مينٽ کان اڳ ڪمپني جي انتظاميا ڊبل سروس جي معاهدو ڪيو ھو جيڪو ھاڻ پنهنجي معاهدو کان ڦري ڊبل سروس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري فاڪاڪشي ڪاٽڻ تي مجبور آهيون نوٽيس وٺي ڊبل سروس ڏنو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين. ٻئي طرف ڪمپني جي انتظاميا جو چوڻ ھو ته ليبر ڪورٽ جي حڪم تي ملازمن کي سنگل سروس ڏني آهي پر ان جي باوجود ملازم ڊبل سروس جي گھر ڪري رھيا آهن جيڪو اسان يونين ۾ اھو شمار ناھي، جڏهن ڪجهه شرپسند ماڻهن ٻاھران اچي ڪمپني جو ڪم بند ڪرايو آهي، جنهن سبب اسان کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي. جلد قانوني رستو اختيار ڪنداسين.