فريدآباد (ن پ ا) عيد ويجهوايندي ئي فريدآباد ۽ ڀرپاسي ۾ موٽر سائيڪلون ڦر ٿيڻ وارن واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، نامعلوم ھٿياربند ھڪ ئي ڏينهن ۾ ڳوٺ گهاڙي جاگير جي رھواسي سجاد علي کوسو کان فريدآباد ٿاڻي جي حد ڪرٽيا موڙ مين روڊ بلاڪ ڪري موبائل فون، ڪارڊ ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ٻئي طرف ڳوٺ قادربخش رند جو رھواسي اياز پٽ شمن رند ڳوٺ کان فريدآباد ٽريڪٽر لاءِ تيل وٺڻ اچي رھيو ھو ته 4 نامعلوم ھٿياربند موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا.