ميرپورخاص (رپورٽ: روي شنڪر مالھي) حيدرآباد واسڻ ناري رابعه عرف دعا سومرو فون تي دوستي رکڻ بعد شادي ڪرڻ لاءِ ميرپورخاص بس ٽرمينل پھتي، سندس چاھيندڙ ميرپورخاص واسي جيئد عرف پرين گوپانگ ناري جي وڌيڪ عمر ۽ ظاھري طور ڏسي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ناري جو بس ٽرمينل تي چاھيندڙ کي ڪٽڪو، پراڻي ميرپور پوليس پھچي ڳالھيون ٻڌڻ بعد جوڙي کي پنهنجي حراست ۾ وٺي فيملي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت آڏو ناري بيان ڏنو ته جئيند گوپانگ سان رانگ نمبر تي رابطو ٿيو، آواز ٻڌڻ بعد محبت ٿي وئي، ھن مون کي شادي لاءِ گھرايو ۽ ھاڻي منھنجي انھي سان ئي شادي ڪرائي وڃي، ڀلي ھن جي اڳ شادي ٿيل ھجي، نوجوان جيئند گوپانگ بيان ڏيندي چيو ته ھي مون کي فون تي تنگ ڪندي ھئي مون اڳ ٻڌايو ته آئون شادي شده آھيان پوءِ به ملڻ پھچي وئي، آئون ھن کي نٿو رکڻ چاھيان ھن جو ذھني توازن ٺيڪ ناھي، معزز عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ناري جا مختلف بيان آھن، اھو پيو لڳي ته سندس ذھني توازن ٺيڪ ناھي، عدالت ناري کي وومين پوليس حوالي ڪندي اھو حڪم جاري ڪيو ته ناري کي حفاظتي تحويل ۾ رکي اڄ تائين جيڪڏھن ھن جا مائٽ اچن ٿا ته ان حوالي ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ کيس گدو اسپتال حيدرآباد اماڻيو وڃي ۽ کين اتان به مائٽ لکرائي واپس وٺي وڃي سگھن ٿا، ھوڏانھن عدالت نوجوان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.