ملير (رپورٽ: ناز شر) بحريا ٽائون انتظاميا جي سيڪورٽي گارڊز، پوليس ۽ روينيو عملدارن جي مبينا طور ڇهن ڳوٺن تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جي اچ وڃ جا لنگهه بند ڪيا ويا. گڏاپ جي 6 ڳوٺن تي مبينا چڙهائي خلاف سوين ڳوٺاڻا، عورتن ۽ ٻارن سميت احتجاج ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، پرائيويٽ گارڊز جي پوليس جي موجودگيءَ ۾ ڳوٺاڻن مٿان هوائي فائرنگ، ڳوٺاڻن تي بلڊوزر چاڙهڻ جي ڪوشش، هڪ عورت سميت 6 ڳوٺاڻا زخمي. خبر موجب بحريا ٽائون جي انتظاميا گذريل ٻن ڏينهن کان گڏاپ ۽ ڪاٺوڙ جي مختلف قديم ڳوٺن نور محمد گبول ڳوٺ، عبدالله گبول ڳوٺ سميت 6 ڳوٺن تي مبينا چڙهائي ڪئي، بحريا ٽائون انتظاميا پنهنجي سيڪورٽي گارڊز، گڏاپ پوليس ۽ روينيو عملدارن سان گڏ ڳوٺاڻن جي سروي ۽ فلاحي زمينن تي مبينا طور قبضو ڪرڻ لاءِ چڙهايون ڪيون. اهڙي صورتحال بعد ڳوٺاڻا، عورتون ۽ مرد گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، جن پنهنجا اجها بچائڻ لاءِ سخت مزاحمت ڪئي ۽ ڳوٺاڻا بلڊوزرن اڳيان اچي ويا، جنهن تي پوليس ۽ بحريا ٽائون جي سيڪورٽي گارڊز پاران ڳوٺاڻن تي هوائي فائرنگ ڪئي وئي. ان دوران سيڪورٽي گارڊن ۽ پوليس جي تشدد ۾ هڪ عورت سميت 6 ڳوٺاڻا اورنگزيب جوکيو، ذيشان جوکيو، باسط جوکيو، منور جوکيو ۽ سلطان جوکيو زخمي ٿي پيا. بحريا ٽائون انتظاميا پاران ڳوٺاڻن کي چيو ويو ته جن وٽ زمين جا ڪاغذ آھن، اهي پنهنجا ڪاغذ کڻي اچن، جن جي ويريفيڪيشن بعد کين معاوضو ڏنو ويندو. ان تي ڳوٺاڻن سخت احتجاج ڪيو. متاثر ڳوٺن جي رهواسين حاجي اميد علي گبول، حاجي اميرالدين گبول، منور جوکيو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته بحريا ٽائون انتظاميا گڏاپ جي مختلف ڳوٺن جي اچ وڃ وارا لنگهه بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن ڪري ڳوٺاڻا سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. بحريا ٽائون ڳوٺاڻن جي سروي زمينن ۽ ڳوٺن تي زبردستي قبضو ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻن کي حراسان ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن اطلاع ملڻ تي انڊيجينيس رائٽس الائنس سنڌ جو اڳواڻ حفيظ بلوچ ڳوٺاڻن وٽ پهچي ويو.