مارجي ويل ڌاڙيل ڊي ايس پي سميت 5 اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هئا:امجد شيخ

0
265

ڪراچي: ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد شيخ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مارجي ويل ڌاڙيل گهوٽڪي ۾ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز سميت 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث هئا

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ايس ايس پي امجد شيخ وڌيڪ چيو ته مارجي ويل ڌاڙيلن مان 5 ڄڻن جانو انڍڙ، سومر شر، نظرو شر، شهزادو دشتي ۽  مشيرو انڍڙ جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، مارجي ويل 3 ڌاڙيلن جي اڃا سڃاڻپ نه ٿي آهي

امجد شيخ چيو ته ڌاڙيلن کي مارڻ واري پنجاب پوليس جي دعويٰ غلط آهي، مارجي ويل 8 ڌاڙيلن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن، ڌاڙيلن سان مقابلو اڃا جاري آهي

هي به پڙهندا

ڪشمور پوليس پاران گيهلپور جي ڪچي ۾  8 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ