سکر ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل

0
267

ڪراچي:  تازين برساتن سبب سنڌ جي مختلف شهرن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، چوماسي جي وسڪارن کانپوءِ سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر سکر ٻڏي ويو، شهر جو جيل روڊ، روهڙي روڊ، پراڻو سکر، ريلوي اسٽيشن ۽ گهنٽا گهر پاڻيءَ هيٺ آهي

سکر جي شهرين جو چوڻ آهي ته برساتي پاڻي گهرن ۽ دوڪانن ۾ به داخل ٿي ويو آهي، انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو، شهرين پاران سنڌ سرڪار ۽ انتظاميا تي ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي، فوري طور پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ پوندڙ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، روڊن ۽ رستن تي 4 کان 5 فٽ پاڻي بيهجي ويو جڏهن ته ضلعي چيئرمين دورا ڪرڻ ۽  ميونسپل چيئرمين گاڏي تي چڙهي فوٽو سيشن ڪندو رهيو

ضلعي هيڊڪوارٽر واري شهر جا مک علائقا چاندني چوڪ ، بهراڻي محله ، اسٽيشن روڊ ، الفتاح چوڪ ، مهراڻ چوڪ ، مير محله ، ٽالپر ڪالوني ، سومرا پاڙو، ٽيليفون ايڪسچينج روڊ ، منور ڪالوني ، قاسم آباد ، ٽالپر ٽائون، پيپلز ڪالوني ، سونا پاري ، گلشن فيض ڪالوني ، مشترڪه ڪالوني ، شوڪت ڪالوني ۾ پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو

ٽنڊو غلام حيدر ، بلڙي شاھ ڪريم جي مختلف علائقن ملاڪاتيار ، شيخ ڀرڪيو ، لاکاٽ ، سعيد خان لنڊ ، مويا ، ڏندو سميت ننڍن وڏن علائقن ۾ پڻ  4 کان 5 فٽ پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن جي نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظاميه پاران ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن، ٻئي طرف محرم الحرام ۽ برساتي ايمرجنسي باوجود انتظاميه ڪو به تڌارڪ نه ڪري سگهي آهي

هي به پڙهندا

تازين ٿيندڙ برساتن سبب گڊو بئراج وٽ وچين درجي جي ٻوڏ برقرار