نيو سعيد آباد جي وارڊ 3 واسي پوليس اھلڪار جي ڌيءُ ۽ پٽ مبينا اغوا

0
202
نيو سعيد آباد جي وارڊ 3 واسي پوليس اھلڪار جي ڌيءُ ۽ پٽ مبينا اغوا
نيو سعيد آباد جي وارڊ 3 واسي پوليس اھلڪار جي ڌيءُ ۽ پٽ مبينا اغوا

نيو سعيد آباد (رپورٽر) نيو سعيد آباد جي وارڊ 3 واسي پوليس اھلڪار جي ڌيءُ ۽ پٽ مبينا اغوا، پوليس اھلڪار جاويد ميمڻ جي 14 سالا ڌيءُ ناديا ۽ 11 سالا پٽ امجد ميمڻ 3 ڏينھن اڳ مبينا اغوا ٿي ويا

نيو سعيد آباد ٿاڻي تي ٻارڙي ۽ اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي، ايف آءِ آر ۾ پوليس اهلڪار جو چوڻ آهي ته جوابدار طارق سولنگي ڌيءُ ۽  پٽ کي  ھٿيارن جي زور تي اغوا  ڪري ويو آھي

ڀاءُ موجب اسان جي ڀيڻ ۽ ڀاءُ 3 ڏينھن کان  گم آھن، شڪ آھي ته جوابدار طارق سولنگي کين اغوا ڪيو آھي

جنيد ميمڻ موجب پوليس کي اطلاع ڪيو ۽ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي پر پوليس اڃاتائين ڪجھه ناهي ڪيو، ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي آزاد ڪيو وڃي

ڊي ايس پي عطا محمد ڏاهري موجب جاچ ڪريون پيا، جلد سڄي واقعي جو  پتو لڳائي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

ٺل: ڳڙهي حسن سرڪي ٿاڻي جو پوليس اهلڪار مائٽ سميت مبينا اغوا