اڪرم ابڙو ۽ پٽ جي قتل ۾ اهم اڳڀرائي: گاڏي مالڪ ۽ جوابدار جا 2 مائٽ گرفتار

0
245

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ قتل ٿي ويل سياسي شخصيت اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ جي قتل ۾ اهم اڳڀرائي ، گاڏي مالڪ ۽ جوابدار جا 2 مائٽ گرفتار ٿي ويا

پوليس ذريعن موجب ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي قتل جي جاچ دوران اهم اڳڀرايون ٿيون آهن، پوليس حملي ۾ استعمال ٿيل گاڏيءَ جي مالڪ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان فرار ٿي ويل مک جوابدار جا 2 ويجها مائٽ به گرفتار ڪيا ويا آهن جن کان جوابدارن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي

پوليس ذريعن موجب حملي ۾ استعمال ٿيل ڪار ڪيترائي ڀيرا وڪرو ٿي چڪي آهي، پوليس پاران هيل تائين مجموعي طور 4 جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي

 ذريعن موجب شروعاتي جاچ مان واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي، ايم پي اي اسلم ابڙو ذاتي دشمنيءَ جو امڪان رد ڪري چڪو آهي