گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي پيپلزپارٽي جي ايم اين اي علي گوهر مهر، ايم پي اي راجا خان مهر سميت 18 ڄڻن مٿان نوجوان کي اغوا ڪرڻ جو سيد قمبر علي شاهه ڪاظمي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو،اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ فريادي سيد قمبر علي شاهه ڪاظمي موقف اختيار ڪندي ڄاڻايو آهي ته پهرين جولاء 2015 ۾ امام بارگاهه جي زمين تي قبضو ڪرڻ کان روڪڻ تي پيپلزپارٽي جي ايم اين اي علي گوهر خان مهر ،  ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مهر، مرحوم علي محمد مهر، حاجي خان مهر جي چوڻ تي جوابدار حيات مهر گامڻ خان گبول سليم الله   ڪلوڙ ذوالفقار مهر اسمائيل مهر سميت 18 ڄڻن گهر تي حملو ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي سيد سلمان شاهه کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا فريادي سيد قمبر علي شاهه ڪاظمي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ  تيار ناهي هوڏانهن ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي اي سيڪشن گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.