ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ  صحت کاتي  دادو ضلعي ۾ جنوري 2024 کانپوءِ ارڙي سبب ڪو به ٻار فوت نه ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 2024 دوران دادو ۾ ارڙي سبب هڪ فوتگي ٿي آهي، جيڪا سال جي شروعات ۾ جنوري مهيني ۾ ٿي هئي. صحت کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪشمور ۾ ارڙي وگهي 4 ٻارن جي فوت ٿيڻ جون ميڊيا رپورٽون به غلط آهن، اتي  4 نه پر هڪ فوتگي ٿي آهي. صحت کاتو سنڌ ۾ ارڙي جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهيو آهي،