گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ افغانستان جي 7سالن جي ٻارڙي مطهره جو ڪامياب لورٽرانسپلانٽ ڪيو ويو، ٻارڙي جي طبيعت بهتر آهي. لور جي ڊاڪٽر نديم باچڪاڻي ٻڌايو ته افغانستان واسي 7سالن جي ٻارڙي جو هفتو اڳ ڪامياب لورٽرانسپلانٽ ٿيو هو، جنهن جي طبيعت ڪافي بهتر آهي ۽ ٽرانسپلانٽ بلڪل مفت ڪيو ويو آهي جنهن تي هڪ روپيو به خرچ ناهي آيو،  هوڏانهن نينگري جي امڙ جو چوڻ هو ته اڳ به هڪ نياڻي لور جي بيماري سبب فوت ٿي وئي هئي. نياڻي مطهره به بيمار ٿي ته علاج لاءِ آن لائين گوگل تي سرچ ڪيو، پاڪستان سنڌ جي شهر گمبٽ ۾ مفت لورٽرانسپلانت جو پڙهيو ۽ رابطو ڪرڻ بعد پهچي نياڻي جو ڪامياب آپريشن ڪرايو، هن چيو ته ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي، سنڌ حڪومت ۽ لور ٽرانسپلانت ٽيم جي ٿورائتي آهيان جن منهنجي نياڻي جو ڪامياب آپريشن ۽ مفت علاج ڪري زندگي بچائي.