لاهور (م ڊ)  پنجاب جي نامزد گورنر سليم حيدر جي حلف برداري تقريب ملتوي ڪئي وئي آهي. تقريب ملتوي ٿيڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي. سليم حيدر جي پنجاب جي گورنر جو حلف کڻڻ واري تقريب ڪالهه شام 5 وڳي منعقد ٿيڻي هئي پر حلف برداري جي تقريب هاڻ 7 مئي اڱاري جي شام 6 وڳي گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيندي.