جج جي گهر واري جي هٿان مرڻينگ ٿيل ٻارڙي جي حالت نازڪ

0
132
جج جي گهر واري جي هٿان مرڻينگ ٿيل ٻارڙي جي حالت نازڪ
جج جي گهر واري جي هٿان مرڻينگ ٿيل ٻارڙي جي حالت نازڪ

اسلام آباد ۾ سول جج جي گهرواريءَ جي مبينا تشدد ۾ مرڻينگ ٿيل ٻارڙي رضوانا جي حالت بهتر نه ٿي، لاهور اسپتال جي ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته رضوانا زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي

ٽويٽر تي جسٽس فار رضوانا جو هيش ٽيگ ٽرينڊ ڪر يرهيو آهي، جنهن ۾ صارف سول جج جي گهرواري کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن

اسلام آباد پوليس پاران جاري ڪيل ٽويٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار عورت پهرين آگسٽ تائين ضمانت تي آهي

ٻارڙي رضوانا ۽ سندس والد جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي

رضوانا جي والد موجب معصوم ٻارڙيءَ جي مٿي ۾ زخم ٿي پيا آهن ۽ انهن ۾ جيت پئجي ويا آهن، ٻارڙيءَ جون پاسراٽيون به ڀڄي پيون آهن