ڪشمور پوليس پاران گيهلپور جي ڪچي ۾  8 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ

0
384

ڪشمور (نمائندن وٽان) ڪشمور پوليس پاران گيهلپور جي ڪچي ۾  8 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ جانو انڍڙ، سومر شر، نظرو شر، شهزادو دشتي، مشيرو انڍڙ ۽ ٻِيا شامل آهن

ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيووڃي ته مارجي ويل ڌاڙيل جانو انڍڙ ۽ سلطو شر جي ڀاءُ نظرو شر تي هڪ ڪروڙ روپيا انعام رکيل هو

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل سمورن ڌاڙيلن جا لاش سندن ساٿارين وٽ آهن، پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 واٽهڙو نينگر امام بخش ميراڻي ۽ آصف ميراڻي زخمي ٿي پيا،  ٻنهي زخمين کي ڪشمور تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو

ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته امام بخش ميراڻي کي مٿي ۾ گوليون لڳل آهن، کيس رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڌاڙيلن کي سندن ساٿين ئي قتل ڪيو

ڌاڙيلن کي ماريندڙ مخالف ڌاڙيل واقعي بعد فرار ٿي رهيا هئا ته مارجي ويل ڌاڙيلن جي حامي ڌاڙيلن مٿن حملو ڪري ڏنو، ذريعن موجب جانو انڍڙ ۽ ٻيا ڌاڙيل پنهنجي اندروني دشمنين تان مارجي ويا

هي به پڙهندا

اسلم ابڙو جي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي قتل جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم