رياض (دلچسپ نيوز) لوڻ واري پاڻي ۽ سج جي روشني سان ٿڌاڻ پيدا ڪندڙ نظام ايجاد ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي ڪنگ عبدالله يونيورسٽي جي سائنسدانن انوکو نظام ايجاد ڪيو آهي، ان نظام جي تياري ۾ حالت جي تبديلي سڏائيندڙ هڪ قدرتي نظارو استعمال ڪيو ويو، قدرتي طور لوڻ جا جزا پاڻي ۾ حل ٿيڻ دوران توانائي جذب ڪري وٺندا آهن، گرم پاڻي ۾ لوڻ جا اهي جزا شامل ڪرڻ تي اهو تيزي سان ٿڌو ٿي ويندو آهي، امونيم نائٽريٽ ۽ پاڻي کي ڌاتو واري ڪپ ۾ رکڻ سان گرمي پد 25 سينٽي گريڊ گهٽجي ويو ۽ رڳو 3.6 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. سائنسدانن موجب في الحال ان نظام کي محدود پئماني تي ڪاميابي سان آزمايو ويو آهي.